ڪراچي (رپورٽر) گارڊن ٿاڻي جي عورت پوليس ڪانسٽيبل کي ساٿي ملازمن تي هراسان ڪرڻ جي الزامن کي ڪوڙو قرار ڏئي عورت کي برطرف ڪيو ويو. عورت 2 اهلڪارن تي هراسان ڪرڻ جو الزام هنيو ويو هو ۽ آءِ جي سنڌ جي شڪايتي سيل کي درخواست موڪلي هئي. ايس ايس پي سٽي عارف عزيز موجب ڊي ايس پي گارڊن جاچ ڪئي، سڀني ليڊي ڪانسٽيبلز ساٿي اهلڪار جي الزامن کي غلط قرار ڏنو. ليڊي اهلڪار کي نوڪري مان ڪڍيو ويو آهي، عورت اهلڪار جي مدد ڪندڙ سب انسپيڪٽر جو عهدو گهٽ ڪري بدلي ڪئي وئي. ٻئي پاسي ليڊي ڪانسٽيبل چيو ته جاچ رپورٽ ۽ برطرفي جا حڪم ناانصافي آهن، انهن کي چئلينج ڪنديس.