ميرپور ماٿيلو (رپورٽ :خالد وسير) ميرپورماٿيلو ۾ صوبائي وزير محمد بخش خان مھر جي مامي بااثر وڏيري اسلام خان مهر جو عدالت ٻاهران فريادين تي تشدد، ايڊيشنل سيشن جج نوٽيس ورتو. ميرپورماٿيلو ۾ سومرا برادري مٿان تشدد واري ڪيس ۾ عدالت ۾ حاضري تي پهتل جوابدار اسلام خان مهر هٿياربند ساڻ ڪري فريادي ڌر مٿان عدالت ٻاهران حملو ڪري محمد بخش سومرو ۽ الطاف سومرو کي رتورت ڪري فرار ٿي ويو، زخمين موقعي تي ئي ايڊيشنل سيشن جج ميرپورماٿيلو جي عدالت ۾ وڪيل عبدالمجيد ميربحر معرفت درخواست داخل ڪرائيندي موقف اختيار ڪيو ته اسلام خان مهر عدالت ٻاهران هٿياربندن سان گڏجي سخت تشدد ڪري کين زخمي ڪيو آهي اهڙي درخواست تي ايڊيشنل سيشن جج ميرپورماٿيلو عبدالشڪور ڪلهوڙو جي عدالت سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو ۽ ايس ايس پي سميت ايس ايڇ او ميرپور ماٿيلو کي حڪم ڏنو ته جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪري قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي ۽ اهڙي رپورٽ عدالت ۾ جمع ڪرائي وڃي، عدالتي حڪم تحت ميرپورماٿيلو ٿاڻي تي الطاف سومرو جي فرياد تي بااثر وڏيري اسلام خان مهر, چيئرمين مزاري, راحب, محرم ٻگهيو,مقصود احمد مهر, پيربخش مهر سميت 8 سڃاتل ۽ 7 اڻ سڃاتل جوابدارن سميت 15 جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪيو ويواهي ڪيس داخل ٿيڻ بعد پوليس ٽيم وڏيري اسلام خان مهر جي بنگلي تي ڇاپو هڻي 3 جوابدار گرفتار ڪري ورتا . مُک جوابدار اسلام خان مهر موقعي تان فرار ٿي ويو ٻئي طرف سومرا برادري جي ماڻهن خليل سومرو, الطاف سومرو, محمد بخش سومرو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ايس ايس پي آفيس آڏو بااثر وڏيري اسلام خان مهر خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو. مظاهرين مطالبو ڪيو ته سومرا برادري مٿان مسلسل حملا, فائرنگ ۽ تشدد ڪندڙ اسلام خان مهر ۽ سندس ساٿين کي گرفتار ڪيو وڃي مظاهري ۾ جسقم اڳواڻ فقير رمضان ڪلوڙ سميت شهرين پڻ شرڪت ڪئي ايس ايس پي آفيس ميرپورماٿيلو آڏو هن وقت تائين احتجاج جاري رهيو.
اسلام خان مهر اڳ به سومرا برادري تي حملو ڪري چڪو
ميرپورماٿيلو : بااثر وڏيرو اسلام خان مهر ان کان اڳ به سومرا برادري جي گهرن مٿان فائرنگ ۽ گاڏي جو ٽڪر هڻي ٻن ڄڻن کي زخمي ڪري چڪو, ميرپورماٿيلو ۾ گاڏي جو ٽڪر هڻي ٻن ڄڻن کي زخمي ڪري چڪو انهن واقعن جا ڪيس وڏيري اسلام مهر مٿان ٻيلو ميرپور ۽ ميرپورماٿيلو ٿاڻن تي داخل ٿيل آهن ڪيس داخل هئڻ باوجود ميرپورماٿيلو ماٿيلو پوليس بااثر وڏيري جي گرفتاري لاء ڪک ڀڃي ٻيڻو نه ڪيو ڪيسن ۾ گهربل هئڻ باوجود وڏيرو اسلام مهر سرعام گهمندو رهيو .
منهنجي ڀاءُ کي گار ڏيڻ تي جهيڙو ٿيو: اسلام مهر جو ڀاءُ
ميرپورماٿيلو : بااثر وڏيري اسلام خان مهر جي ڀاء ميرخان مهر روزاني عوامي آواز سان ڳالهائيندي چيو آهي ته سومرا اسان جا پاڙيسري ڀائر آهن منهنجو ڀاء اسلام خان مهر عدالت ۾ ضمانت ڪرائڻ ويو هو عدالت ٻاهران سومرا برادري جي ماڻهن منهنجي ڀاء اسلام مهر کي گاريون ڏنيون ۽ گٿا لفظ ڳالهايا جنهن تي جهيڙو ٿيو ميرخان مهر وڌيڪ چيو ته سومرا برادري جي ماڻهو پنهنجي اڳواڻ خليل سومرو يا علائقي جي ڪنهن به معزز سردار وٽ ويهي اسان سان فيصلو ڪن اسان انهن سان فيصلي لاء تيار آهيون اسلام خان مهر مٿان جيڪو فيصلو پئي اسان ڀري ڏيڻ لاء تيار آهيون منهنجي ڀاء ڪو به حملو ناهي ڪيو. اسلام خان مهر مٿان جيڪو فيصلو پئي اسان ڀري ڏيڻ لاء تيار آهيون.
عدالتي حڪم تي پوليس ٽيمون جوڙيون ويون
ميرپورماٿيلو : ميرپورماٿيلو ۾ عدالت ٻاهران حملي واري معاملي جو عدالت پاران نوٽيس وٺڻ بعد ايس ايس پي گهوٽڪي ۽ جوابدارن جي خلاف ڪاروائي جي حڪم بعد ايس ايس پي گهوٽڪي سميع الله سومرو بااثر وڏيري اسلام مهر ۽ سندس ساٿين جي گرفتاري لاء پوليس جون ٽيمون جوڙي ڇڏيون آهن پوليس ٽيم بااثر وڏيري اسلام مهر جي گرفتاري لاء سندس بنگلي تي ڇاپو هنيو جتان وڏيرو اسلام مهر فرار ٿي ويو پوليس سندس 3 ساٿين کي گرفتار ڪري ورتو آهي.