آڱوٺي ڇاپ وڏيرن کي جج مقرر ڪرڻ جا اختيار ڏنا ويا:وسند ٿري

حيدرآباد (پ ر) 26هين آئيني ترميم خلاف پر امن احتجاج ڪندڙ وڪيلن مٿان پوليس تشدد جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر ايڊووڪيٽ وسند ٿري، مرڪزي جنرل سيڪريٽري ايڊووڪيٽ ساجد حسين مهيسر، مرڪزي اڳواڻ ايڊووڪيٽ اسماعيل خاصخيلي ۽ نور نبي پليجو پنهنجي گڏيل پريس بيان ۾ چيو آهي ته اتحادي  سرڪار ملڪ ۾ اڻ اعلانيل مارشل لا مڙهي، پرامن احتجاجن تي تشدد ڪري رهي آهي، ججن جي مقرري جي طريقيڪار ۾ تبديلي ڪري آڱوٺي ڇاپ وڏيرن کي جج مقرر ڪرڻ جا اختيار ڏنا ويا آهن، پيپلز پارٽي ۽ نواز ليگ وارا سياسي بنيادن تي ججن جون ڀرتيون ڪري رهيا آهن، عوامي تحريڪ جي اڳواڻن مطالبو ڪيو ته 26هين آئيني ترميم فوري طور ختم ڪري عدليا جي آزادي يقيني بڻائي وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.