جي ها، هتي،گهوڙا ڳالهائيندا آھن.جيڪڏهن توهان سمجھو ٿا ته گهوڙا صرف ڊوڙي سگهن ٿا ۽ ڊوڙڻ کان علاوه ٻيو ڪو ڪم نٿا ڪري سگهن، ته پوءِ توهان غلط سمجھو ٿا، گهوڙا ڊوڙڻ کان علاوه ڳالهائي به سگهن ٿا.جيڪڏهن موقعو ڏنو وڃي ته گهوڙا گانا بھ ڳائي سگهن ٿا.جيڪڏهن توهان چاهيو ته،گهوڙا ڊوئيٽ بھ ڳائي سگهن ٿا، يعني گھوڙا لتا منگيشڪر ۽ ميڊم نور جهان سان گڏجي ڳائي سگهن ٿا.
گھوڙن جي لڪيل صلاحيتن جو پتو مونکي تڏهن پيو، جڏهن مون اهڙي اداري ۾ ملازمت ڪئي ھئي جنھن جو نالو مان توهان کي نٿو ٻڌائي سگهان. اداري جي ڪنهن به ملازم کي اجازت نھ ھوندي ھئي تھ اهو پنهنجي اداري جو نالو ڪنھن کي ٻڌائي سگھي. اھا پابندي سمورن ملازمن تي لازم آھي پوءِ چاھي اھي ملازم حاضر سروس ھجن يا ملازمت مان رٽائر ٿي چڪا ھجن يا وري ڪجھه وقت جي لاءِ ملازمت ڪرڻ بعد ملازمت ڇڏي ھليا ويا ھجن.اھي اداري جو نالو ۽ ڪم ڪنھن کي ٻڌائي نٿا سگھن. مان پاڻ ڳجھن حڪمن جو پابند آهيان، ان ڪري مان توهان کي ان اداري جو نالو نٿو ٻڌائي سگهان.
ڳجهي اداري ۾ ڪم ڪرڻ کان اڳ گھوڙا بگي ۽ ٽانگا ڇڪي سگهندا هئا، گھوڙا گهوڙي سواري جي ڪم اچن ٿا. ڳجهي اداري ۾ ڪم ڪندي، جڏهن مون گھوڙن کي ڳالهائيندي ٻڌو، گھوڙن کي ڳالهائيندي ڏسي منھنجا اوسان خطا ٿي ويا. اوسان خطا ٿيڻ جھڙي ڳالھھ بھ تھ ھئي! گهوڙن جون چار ٽنگهون هونديون آهن، ڳالهائيندڙ گهوڙن جون ٻھ ٽنگهون هونديون آهن. مون تحقيق يعني ريسرچ تھ نھ ڪئي آھي. پر مان سمجھان ٿو تھ ڳالھائڻ کانپوءِ گهوڙي جون ٻھ ٽنگهون غائب ٿي وينديون آهن. هي تحقيق ڪرڻ جھڙي ڳالھھ آهي تھ مون کي ُپراسرار ۽غيبي ڳالھيون سٺيون لڳنديون آھن. غيبي ڳالھين جي ڇنڊڇاڻ ڪرڻ مون کي سٺو ناھي لڳندو. منھنجي لاءِ غيبي ڳالھيون مقدس ڳالھيون ھونديون آھن.خفيھ اداري ۾ ڪم ڪندي مون محسوس ڪيو ته اعليٰ عهدن تي ڪم ڪندڙ آفيسر گهوڙي جي وات مان نڪرندڙ ڳالهه کي وڏي اهميت ڏيندا هئا. ان مان ظاهر ٿيندو ھو ته آفيسر بھ گھوڙن جي وات مان نڪرندڙ ڳالھھ کي مقدس سمجهندي اهميت ڏيندا هئا.
ڳجھي اداري ۾ ڪم ڪندي پتو پيو تھ ڪجھه ٻيا ادارا به آهن جن جي ڪمال جي ڪارڪردگيءَ جو دارومدا گھوڙن جي وات مان نڪرندڙ ڳالهه تي ھوندو آهي. اهي گھوڙن جي وات مان نڪتل ڳالهه تي فوري عمل ڪندا آھن. گهوڙن جي وات مان نڪرندڙ ڳالھھ انهن لاءِ حرف اول ۽ حرف آخر ھوندي آھي. مثال جي طور سڄي پاڪستاني پوليس جي شاندار ۽ اعليٰ ڪارڪردگي جو دارومدار گھوڙن جي ٻڌايل ڳالھين تي ھوندو آھي. گھوڙن جي ٻڌايل ڳالھين تي اڳي کان اڳرو عمل ڪندي، پوليس چورن، رھزنن، ڌاڙيلن، قاتلن، ڏوهارين ۽ پيشھ ور گنهگارن جي پاڙ پٽي ڇڏيندي آهي.تڏھن وڃي پتو پيو تھ پوليس وارا پنهنجن ڳالهائيندڙ گھوڙن کي مخبر چوندا آھن. ان کان پوءِ،کوجين،پيرين کي اصل حقيقت تان پردي ھٽائڻ ۾ دير نھ آھي لڳندي.پتو پيو تھ قانون لاڳو ڪندڙ وڏن وڏن ادارن جو انحصار مخبرن تي ھوندو آھي. مخبر جيڪڏھن ڏيڏريءَ آهي ۽ بدقسمتي سان ڏيڏريءَ کي نزلو زڪام ٿي پئي تھ اداري جو سڄو ڪم ٺپ ٿي ويندو آهي.اداري جي لاجواب ڪارڪردگي تنزلي جو شڪار ٿي ويندي آهي. پيشھ ور ڏوهاري، قاتل ۽رھزن سماج کي مستقل طور تي مائوف ڪري ڇڏيندا آهن. ايڪسائيز ۽ ٽيڪسيشن وارن جو اھو ئي ڪم آهي،ڪسٽم وارا مخبري کان بنا هڪ قدم به کڻڻ لاءِ تيار نه آهن ھوندا. خفيه اداري ۾ ڪم ڪندي پتو پيو تھ اھا سموري شرارت انگريز ۽ انگريزي زبان جي آھي. هڪ انگريزي محاورو ڪجهه هن طرح آهي: From Horses’ mouth يعني اھڙي ڳالھھ جيڪا توهان گهوڙن جي وات مان ٻڌي ھجي. چوڻ وارا چون ٿا ۽ ٻڌائڻ وارا ٻڌائين ٿا تھ انگريز پنهنجي پاڻ کان وڌيڪ پنھنجي ڪتي سان پيار ڪري ٿو. پر مخبر ٻڌائين ٿا تھ ڪتي کان وڌيڪ انگريزگھوڙي سان پيار ڪندا آھن. گھوڙي کي انگريز معتبر۽ اعتبار جوڳو سمجهن ٿا. اهڙي ڳالھھ پوءِ چاھي ڪنھن جي ذريعي يا ڪنھن منبع کان آئي ھجي،معتبر۽ ڀروسي جوڳي هجي، اعتماد جوڳي ۽ اعتبار جوڳي ھجي.ان ڳالھھ کي انگريز گهوڙي جي وات مان نڪتل ڳالھھ چوندا آهن. يعني گهوڙي جي وات مان نڪتل ڳالھه درست۽ يقين جوڳي هوندي آهي.
اسان ديسي ماڻھون انگريزن جي تقليد ڪرڻ کان نٿا مڙون. اسان پنهنجن ادارن ۾ ٻن ٽنگهن وارا مخبر رکي ڇڏيا آهن. ڇاڪاڻ ته انهن جون ڳالھيون پٿر تي ليڪ برابر ھونديون آهن، اسان انهن کي گھوڙا مڃيندا آھيون.حالانڪھ ڏسڻ سان اھي ڪنھن بھ زاوئي سان گھوڙن جھڙا نه ٿا لڳن، اهي اسان سان ملندڙ جلندڙ ھوندا آهن. شرلاڪ هومز جي ڪهاڻي چاھي ڪيتري به دلچسپ ڇو نھ هجي، آخرڪار، بار بار ٻڌڻ ۽ ڏسڻ کان پوءِ، ڪهاڻي ۾ اسان کي پھرين جھڙو تجسس ۽ دلچسپي محسوس نه ٿيندي آهي. ان دوران، اسان کي خبر پئجي ويندي آھي تھ پاڪستان جي سمورن عملي ۽ انتظامي امورن جو دارومدار گھوڙن جي وات مان نڪرندڙ ڳالھين تي ھوندو آھي ،يعني سڄي نظام تي مخبر غالب آهن. پر پتو نٿو پئي تھ ڪير ڪنهن جي مخبري ڪري رهيو آهي.ننڍا وڏا آفيسر هڪ ٻئي جي مخبري ڪندا آهن، پر پتو نھ پوندو آھي تھ ڪير ڪنهن جي مخبري ڪري رھيو آھي.بلڪل اھڙي طرح اسان جي گهر ۾ مِني ننڍو پاڪستان ٺهيل آهي.خبر نٿي پئي تھ سس،ُننھن ،نڻاءَ، سھرو، ڀاڄائي، ڀيڻويو ۽ سالو صاحب ۽ زال صاحبھ جي وچ ۾ ڪير ڪنهن جي مخبري ڪري رهيو آهي. (روزاني جنگ جي ٿورن سان)