آمريڪي ۽ اسرائيلي هٺ ڌرمي عالمي جنگ ڏانهن وڌندڙ  فلسطين مسئلو 

تحرير: محمد اسماعيل لانگاھ 

گذريل ڪيترن ئي ڏينهن کان عالمي ميڊيا جي چينلن ۽ اخبارن جي زينت بڻجندڙ فلسطين معاملي تي اسرائيل ۽ انکي پاليندڙ آمريڪي هٺ ڌرمي ۾ ڪابه تبديلي نظر نه پئي اچي پوري دنيا جي سخت مخالفت باوجود آمريڪا فلسطيني رياست اندر پنهنجي حڪمراني قائم ڪرڻ لاءِ  فلسطين معاملي واري پاليسي ۾ ڪابه تبديلي ناهي آندي ٽرمپ غزه جي نئين سر بحالي لاءِ کين فلسطين کي خريد ڪرڻ ته ٻئي پاسي نيتن ياهو سموري فلسطين کي لڏائڻ چاهي ٿو پوري دنيا کي پريشان ڪندڙ آمريڪا ۽ اسرائيل جي عرب ليگ لاءِ حب الاوطني ۽ دشمني جي تاريخ ڪا نئين نه پر هڪ صدي پراڻي آهي.

ٻي جنگ عظيم دوران  عربن خاص طرح فلسطين جي ڌرتي تي مهمان طور رهايل مهاجر اسرائيلين فلسطيني مسلمانن کي پنهنجون خوبصورت نوجوان ڇوڪريون ڏئي مٽي مائٽي ۾ شامل ٿي کين زمينون رهڻ لاءِ ورتيون اسلام امن پسند ۽ مهمان نواز مذھب آھي عربن کي اها اسرائيلي يهودين سان اڌ صدي اڳ ملهايل مهمان نوازي کين هاڻ مهانگي پئجي وئي آھي  فلسطين جي پاڪ سرزمين تي پهتل يهودين کي فلسطين  سرزمين تي مهمان  سمجهي پنهنجون زمينون ملڪيتون مفت ۾ ڏيندڙ فلسطينين  کي اها خبر نه هئي ته اڳتي هلي اسرائيل اسان جي آزادي کي پنهنجي قوت ۾ قابو ڪري ڇڏيندو ٿيو به ايئن مهاجرن جي روپ ۾ فلسطين پاران رهايل اسرائيلين  آهستي آهستي فلسطينين جي فرمائشن پوري ڪرڻ کانپوءِ انهن جي سرزمين تي پاڻ کي ملڪ تسليم ڪرائڻ لڳا جڏهن فلسطيني مسلمانن کين اسرائيل کي ملڪ تسليم ڪرڻ کان  انڪار ڪيو ته اسرائيل فلسطين جي عوام مٿان ظلم شروع ڪري ڏنا, آمريڪا کان ڪوهين ڏور پري هجڻ جي باوجود مسلمانن جي گهيري ۾ ويٺل اسرائيل عرب ليگ قوتن کي پريشان ڪري ڇڏيو جنهن نه جنگ نه  وري صلح جو ڪو در ڇڏيو آهي  پاڻ کي ملڪ تسليم ڪرائيندڙ اسرائيل آمريڪي حمايت ملڻ کانپوء ايترو ته انڌو ٿي ويو جوانکي اڄ تائين به ڪجھ نظر نه اچي رهيو آھي.

60 واري  ڏهاڪي دوران فلسطينين کي  ڪوس  گهر بڻائڻ کان پوءِ کين پنهنجي ڌرتي تي پناهگير بڻائي  ڇڏيو اسرائيل جنهن جو هميشه محافظ رهندڙ آمريڪا مسلم قوتن کي هن وقت يرغمال بڻائي ڇڏيو آهي سن 48ع ۾ فلسطين جي سرزمين تي مهاجرن جي روپ ۾ قائم ٿيل اسرائيل خلاف متحد ٿيل مسلمانن ۽ انهن جي اتحادي  تنظيم او آءِ سي جي اهم اڳواڻن شام جي حافظ اسد, سعودي جي شاهه فيصل, لبيا جي ڪرنل قذافي, پاڪستان جي ذوالفقار علي ڀُٽو جهڙن عظيم اڳواڻن کي رستي تان هٽائڻ ۾ به آمريڪا جو ان وقت کان هن وقت تائين اهم ڪردار رهيو آھي هن ڪڏھن به نه چاهيو آهي ته ڪا مسلم قوت اسرائيل اڳيان اٿي بيهي هن وڏن وڏن عالمي ادارن کي پنهنجي چنبي ۾ ڦاسائي ڇڏيو آهي جيڪي ڪنهن به صورت ۾ تازي صورتحال بابت راءِ ڏيڻ گوارا نٿا سمجهن ۽ آمريڪي حمايت اصل کان وٺي اسرائيل سان گڏ ھُئي مهمان جي صورت ۾ رهايل آڱرين تي ڳڻڻ جيتري اسرائيل هاڻ وچ مسلمانن ۾ ويهي فلسطين جي عوام سان جيڪو تاريخي ظلم ڪيو وزير اعظم نيتن ياهو مٿان جنگي جرائم تحت ٿيل ڪيس به صدر ٽرمپ جي سفارشن تحت ختم ڪيو ويو آھي  اقوام متحده سميت سموري عالمي برادري اسرائيل ۽ آمريڪي  اڳرائين کي عالمي قانون جي ڀڃڪڙي سمجهن ٿا پر فلسطين معاملي تي آمريڪا  ۽ اسرائيل جو موقف بلڪل هڪجهڙو آھي عالمي سطح کان مليل رپورٽن مطابق  بجاءِ حماس ويڙھاڪن جي اسرائيل پنهنجي جنگي حملن ۾ ڇائيتاليھ هزار  جي لڳ ڀڳ معصوم ۽ بيگناهه فلسطينن کي شهيد  ڪيو جنهن ۾ اڪثريت ٻارڙن ۽ عورتن جي هئي ايڏي وڏي قتل عام جي قاتل اسرائيل کي آمريڪا هروقت عالمي سطح تي هن کي بيڏوهي قرار ڏيندو رهيو  آھي معصوم فلسطينين جي شهادتن باوجود آمريڪا اسرائيل جو حمايتي بڻجي ويٺل آهي فلسطينين تي اسرائيل جي ظلم جي مخالفت بجاءِ آمريڪي صدر ٽرمپ اسرائيل جي هن عالمي دهشتگردي وارين ڪاروائين تي خاموش آهي.

اسرائيل وٽ ھن وقت جيڪا به ويڙھاند لاء قوت موجود آهي سا ڪنهن کان لڪل ناهي ته هن وٽ ھٿيار, بم ۽ ٻيو بارود ڪٿان اچي ٿو اسرائيل جي ظلم تي افسوس کان هٽي ڪري وري نظر ڦيرائجي ته آخر دنيا ۾ رهندڙ اسلام جهڙو طاقتور مذهب, ڌن دولت, تيل , جهڙن قدرتي  وسيلن  سان  مالا مال اسلامي قوتون پنهنجي فلسطيني ڀائرن ڀينرن ,معصوم ٻارن جي قتل عام تي خاموش رهي ڪري صرف مذمت تائين محدود ڇو ٿي ويا جيڪو آمريڪا هن وقت مسلمانن جي مالي ملڪيت تي پاڻ به پلجي پيو پنهنجي پُٽ  اسرائيل کي به پالي پيو ان اڳيان به مسلمانن کي ڪُڇڻ جي قوت ناهي آمريڪا اڳيان ڪنڌ جهڪائي ويٺل عرب ليگ, او آءِ سي، اداري جو آخر ڪم ڪهڙو آهي جو اسرائيل فلسطين سان پنهنجو ظلم ۽ بربريت بند ڪرڻ لاءِ تيار ئي ناهي

دنيا اندر آمريڪا جي سڄي پروپيگنڊه صرف اسلامي طاقت ۽ مسلمانن کي ڪمزور ڪرڻ   آھي. هن وقت آمريڪا مسلم قوتن تي ڄڻ حاوي ٿي چُڪو آهي. اسلامي ملڪن ۾ ھن وقت پاڪستان ۽ سعودي کين نشاني تي آھن, اسرائيل لاء خطرو بڻيل ايران کي سبق سيکارڻ لاءِ آمريڪا  اڳواٽ اشارو  ڏئي  ڇڏيو  آھي سعودي عرب هن وقت پوري طرح آمريڪي پاليسين جي مخالفت ڪندي نظر اچي رهيو آهي ڏسڻو اهو آهي ته آمريڪا پنهنجي هن رچايل نئين راند ۾ ڪنهن کي اصل نشانو ٿو ڪري, هن راند ۾ پاڪستان ۽ سعودي عرب ٻئي ملڪ آمريڪي ايجنڊا تي آهن جنهن جي حمايت ذريعي هو ڪا وڏي گڙٻڙ ڪري سگهي ٿو, ان کان پهرين هو پاڪستان کي افغان مسئلي  سعودي کي ايران ۽ يمن جي خوف ۾ ڦاسائڻ چاهي ٿو, جيئن شروع کان هن لٺ ۽ چٺ واري روايت رکي آهي هاڻ به ايئن ڪرڻ چاهي ٿو ۽ اسرائيل  جارحيت ان پروگرام جو حصو آهي جنهن کي پاڪستان ۽ سعودي چڱي ريت سمجهڻ باوجود فلسطين معاملي تي ڪو چٽو موقف ڏيڻ لاء تيار ناهن عالمي مبصرين  وچ اوڀر ۾ وڌندڙ آمريڪي مداخلت ۾ سعودي ۽ پاڪستان جي ڪردار کي  اهم سمجهي  رهيا آھن ۽ ٻنهي ملڪن کي موئثر ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي جيئن  فلسطين معاملو اسرائيل ۽ آمريڪي جارحيت سبب ٽين عالمي جنگ طرف وڃڻ  کان  بچي  پوي

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.