سنڌ مان ايم پي اي مخدوم فخر زمان جي پنجاب اسيمبلي ۾ ڪامن ويلٿ پارلياماني ايسوسيئيشن ڪانفرنس ۾ شرڪت

ڪراچي: سنڌ اسيمبلي جي ميمبر ۽ سنڌ حڪومت جي ترجمان مخدوم فخر زمان پنجاب اسيمبلي ۾ منعقد ٿيل ايشيا ۽ ڏکڻ اوڀر ايشيا جي پهرين ڪامن ويلٿ پارلياماني ايسوسيئيشن (سي پي اي) ڪانفرنس ۾ سنڌ حڪومت جي نمائندگي ڪئي.
ڪانفرنس ۾ صحت ۽ تعليم جي موضوع تي بحث ڪندي مخدوم فخر زمان انهن شعبن ۾ سنڌ حڪومت پاران ڪيل سڌارن ۽ قدمن تي روشني وڌي.
ان موقعي تي پنجاب جو صحت وارو وزير خواجه سلمان رفيق، تعليم وارو وزير رانا سڪندر حيات، ملائيشيا، سريلنڪا ۽ مالديپ جا معزز مھمان پڻ موجود هئا.
مخدوم فخر زمان چيو ته عوامي ڀلائي لاءِ بين الصوبائي ۽ بين الاقوامي سطح تي سهڪار ضروري آهي، هن تعليم ۽ صحت جي شعبن کي بهتر بڻائڻ لاءِ گڏيل ڪوششن جي ضرورت تي زور ڏنو.
ڪانفرنس ۾ موجود مختلف ملڪن ۽ صوبن جي نمائندن گڏيل تجربن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.