اسيمبلي ميمبرن جي پگهارن ۾ واڌ جو ترميمي بل منظور، هاڻي ڪيتري پگهار کڻندا؟

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) قومي اسيمبلي مميبرن جي پگهارن ۽ مراعتن ۾ واڌ بابت ترميمي بل اڪثريتي راءِ سان منظور ڪيو ويو.
قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ ميمبرن جي پگهارن ۽ مراعتن ۾ اضافي بابت بل رومينه خورشيد عالم پيش ڪيو، جيڪو اڪثريتي راءِ سان منظور ڪيو ويو.
ترميمي بل تحت قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ ميمبرن جون پگهارون ۽ مراعتون وفاقي سيڪريٽري جي برابر مقرر ڪيون ويون آهن، جنهن تحت ايم اين اي ۽ سينيٽر جي ماهوار پگهار 5 لک 19 هزار رپيا مقرر ڪئي وئي آهي.
قومي اسيمبلي اسپيڪر اياز صادق چيو ته توهان پارليامينٽ کي جعلي چوندا آهيو ۽ پاڻ ئي سنجيده نه ٿيندا آهيو، جيڪو رڪن واڌو پگهار نه ٿو وٺڻ چاهي ته لکي ڏئي سگهي ٿو.
قانون واري وفاقي وزير اعظم نذير تارڙ به چيو ته جيڪي ميمبر واڌو پگهار نٿا وٺڻ چاهين اهي اسپيڪر آفيس کي آگاهه ڪن.
پيپلز پارٽي، ن ليگ، پي ٽي آءِ ۽ ٻين پارٽن به پگهار وڌائڻ جي حمايت ڪئي ڪئي هئي ، جڏهن ته ميمبرن 10 لک رپيا ماهوار پگهار جو مطالبو ڪيو هو، پر اسپيڪر اياز صادق اِهو مطالبو رد ڪري ڇڏيو هو.
ياد رهي ته ان کان اڳ قومي اسيمبلي ميمبر جي ماهوار پگهار 2 لک 18 هزار رپيا هئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.