ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي ميٽروپوليٽن ڪارپوريشن (ڪي ايم سي) سموريون پارڪنگ سائٽس مفت ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو.
ميئر مرتضيٰ وهاب چيو ته ڪي ايم سي جي پارڪنگ سائٽس تان جلد ڪا فيس وصول نه ڪئي ويندي، اهو فيصلو عوامي مفاد ۾ ڪيو ويو آهي.
هن چيو ته ڪي ايم سي هاڻ پنهنجي پيرن تي بيٺي آهي، ان جي اڪائونٽ ۾ ٻه ارب رپين کان وڌيڪ جي رقم موجود آهي، ڪي ايم سي کي 4 کان 5 ڪروڙ رپين جي ضرورت ناهي.
سندس چوڻ هو ته نوٽيفڪيشن جاري ڪري پارڪنگ فيس جو بار هٽايو ويندو، ڪي ايم سي جي نالي تي غير قانوني پيسا وٺندڙن کي گرفتار ڪيو ويندو، ڪراچي جي 106 مرڪزي روڊن تي 46 پارڪنگ سائٽس تان فيس نه ورتي ويندي، عوام کي سهولت فراهم ڪرڻ اسان جي پهرين ترجيح آهي.
مرتضيٰ وهاب چيو ته ڪراچي جي 25 ٽائونز، 6 ڪنٽونمينٽ بورڊز ۾ پارڪنگ فيس برقرار رهندي.
You might also like