اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان سعودي عرب ۾ فلسطيني رياست قائم ڪرڻ جي اسرائيلي وزيراعظم جي بيان جي سخت مذمت ڪئي آهي.
نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار طرفان چيو ويو آهي ته اسرائيلي وزيراعظم جو بيان چڙ ڏياريندڙ، غير سنجيده ۽ قبولڻ جوڳو ناهي، پاڪستان آزاد فلسطيني رياست جي جائز حق جي حمايت ڪري ٿو.
هن چيو ته پاڪستان سعودي عرب سان مڪمل يڪجهتي جو اظهار ڪري ٿو، سعودي عرب جي فلسطين ڪاز لاءِ عزم کي غلط رنگ ڏيڻ افسوسناڪ آهي، فلسطيني عوام 1967 کان اڳ جي سرحدن موجب آزاد رياست جو حق رکي ٿو، القدس الشريف فلسطين رياست جو تخت گاهه آهي ۽ رهندو.
سندس چوڻ هو ته فلسطينين جي بي دخلي جي ڪا به تجويز عالمي قانونن جي ڀڃڪڙي آهي، فلسطين بابت گڏيل قومن جي ٺهرائن ۽ عالمي انصاف جي اصولن جي ڀڃڪڙي قبولڻ جوڳي ناهي.
سعودي ۾ فلسطيني رياست جي قيام جو نيتن ياهو جو بيان چڙ ڏياريندڙ ۽ قبولڻ جوڳو ناهي: اسحاق ڊار
Next Post
You might also like