ڀارت ۽ انگلينڊ جي ميچ دوران فلڊ لائٽس بند، رانديگر ڊريسنگ روم ۾ هليا ويا

نئين دهلي (ويب ڊسڪ) ڀارت ۽ انگلينڊ وچ ۾ ٻي ون ڊي ميچ دوران فلڊ لائٽس بند ٿي ويون، جنهن تي ڀارتي ڪرڪيٽ بورڊ کي تنقيد جو نشانو بڻايو پيو وڃي.
اڙيسا جي شهر ڪٽڪ ۾ جاري ٻي ون ڊي ميچ ۾ ان وقت فلڊ لائٽس بند ٿي ويون، جڏهن ڀارت 305 رنسن جو هدف ملڻ کانپوءِ بيٽنگ ڪري رهيو هو.
ستون اوور شروع ٿيڻ کان اڳ هڪ پول ۾ ڪيتريون ئي لائٽس بند ٿي ويون ۽ پوءِ پهرئين بال کانپوءِ سموريون لائٽس بند ٿي ويون، جنهن سبب ميچ کي روڪڻو پئجي ويو.
لائٽس بند ٿيڻ کانپوءِ ڪيترن ئي منٽن تائين رانديگر فيلڊ ۾ انتظار ڪندا رهيا ۽ لائٽس ٺيڪ نه ٿيڻ تي ڊريسنگ روم ۾ هليا ويا.
تقريبن اڌ ڪلاڪ تائين ميچ کي روڪيو ويو ۽ فلڊ لائٽس آن ٿيڻ تي رانديگر فيلڊ ۾ واپس آيا.
هوڏانهن ميچ دوران فلڊ لائٽس بند ٿيڻ تي ڀارتي ڪرڪيٽ بورڊ کي سخت تنقيد جو نشانو بڻايو پيو وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.