ڏکڻ آفريقا ۽ آسٽريليا کان سيريز کٽيندڙ ٽيم ۾ 4 تبديليون حيران ڪندڙ آهن: سلمان بٽ

جهنگ (ويب ڊيسڪ) قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان سلمان بٽ چيو آهي ته جڏهن ٽيم جي سليڪشن ٿي ته ڪيترن ئي ماڻهن کي خدشا هئا، ڏکڻ آفريقا ۽ آسٽريليا ۾ سيريز کٽيندڙ ٽيم ۾ 4 تبديليون حيران ڪندڙ آهن.
جهنگ ۾ صحافين سان ڳالهائيندي سلمان بٽ چيو ته کٽيل ٽيم ۾ 4 رانديگرن جي واپسي ٿي آهي، جڏهن ٽيم ڏکڻ آفريقا ۽ آسٽريليا مان کٽي آئي ته ان ۾ گهڻيون تبديليون نه ٿيڻ گهرجن ها.
هن چيو ته نيوزيلينڊ خلاف ميچ ۾ اسپيشلسٽ بالرن ڪٽڪو کاڌو، هاڻ اسپنرن کي وڌيڪ محنت جي ضرورت آهي، فخر زمان کانسواءِ ڪوئي سٺو نه کيڏيو، 300 رنسن جي هدف ۾ هڪ سينچري ته ضروري آهي.
سندس چوڻ هو ته پاڪستان ٽيم کي چيمپيئنز ٽرافي ۾ هوم گرائونڊ جو فائدو حاصل آهي، ايونٽ ۾ سٺيون ٽيمون شريڪ آهن ۽ کٽيندڙ ٽيم بابت اڳڪٿي ڪرڻ وقت کان اڳ آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.