مسلم ليگ (ن) جي اتحادي حڪومت جو هڪ سال ڪيئن رهيو، هڪ جائزو

8فيبروري واري گذريل چونڊ کي ڪالهه هڪ سال پورو ٿيو. ان چونڊ کان پوءِ اسان جيڪو پهريون ايڊيٽوريل لکيو هو تنهن ۾ ان خواهش جو اظهار ڪيو هو ۽ تجويز ڏني هئي ته هاڻي اقتداري ۽ پارلياماني جماعتن کي هڪ ذميوار ۽ پارليامينٽ کي مضبوط ڪرڻ جي نئين سياست ڪرڻ گهرجي جيئن سياسي استحڪام قائم ٿئي ۽ حڪومت کي عوام جي  خدمت ڪرڻ جو موقعو ملي پر افسوس ته ايئن نه ٿيو روايتي ڇڪتاڻ ۽ انتقام واري سياست ئي  سڄو سال  نظر آئي جنهن سبب نه پارليامينٽ مضبوط ٿي ۽ نه ئي ملڪ اندر سياسي استحڪام آيو جنهن سبب عوام جا اصل مسئلا حل نه ٿي سگهيا.

گذريل سال جي چونڊ جي نتيجي ۾ ڏيڍ سال واري پي ڊي ايم جي حڪومت جو تسلسل قائم ٿيو جنهن ۾ ماضي جي مخالف پارلياماني  جماعتن مسلم ليگ (ن)، پ پ ۽ ايم ڪيو ايم کي  اتحادي حڪومت طور وري ڪم ڪرڻ جو موقعو مليو. جڏهن ته پي ڊي ايم جي حڪومت جيڪا تحريڪ انصاف جي حڪومت خلاف مخالف جماعتن جو اتحاد هو تنهن وزيراعظم عمران خان خلاف تاريخ ۾ پهرين ڪامياب بي اعتمادي جي تحريڪ پيش ڪري کيس وزارت عظميٰ تان هٽايو ته ان جي  حڪمران جماعت پارليامينٽ  مان ئي استعيفيٰ ڏئي ڇڏي هئي جنهن ڪري پارليامينٽ جو باقي ڏيڍ سال وارو مدو پي ڊي ايم جي جماعتن حڪومت ٺاهي پورو ڪيو هو.

وري 8 فيبروري جي چونڊن جي نتيجي ۾ ساڳين جماعتن کي حڪومت ڪرڻ جو موقعو مليو ته اميد پيدا ٿي هئي ته هاڻي ملڪ اندر سياسي استحڪام پيدا ٿيندو پر پي ٽي آءِ پهرين ڏينهن کان 8 فيبروري وارين چونڊن کي ڌانڌلي قرار ڏئي ڪري انهن کي تسليم ڪرڻ کان انڪار ڪندي سڄو سال وري ٻيهر چونڊن ڪرائڻ لاءِ احتجاج ڪندي رهي البت هن ڀيري پي ٽي آءِ مخالف ڌر طور پارليامينٽ ۾ ضرور موجود رهي ان احساس وچان ته پارليامينٽ ۾ هوندي ته اها سياسي ۽ پارٽي مفاد حاصل ڪري سگهندي ٻيو ته گذريل حڪومت ۾ وزارت عظميٰ وڃائڻ کانپوءِ پارليامينٽ مان حڪمران جماعت استعيفيٰ  ڏئي جيڪا  غلطي ڪئي هئي تنهن جو ازالو ڪري سگهجي پر پارليامينٽ ۾ ان ذميواري وارو ڪردار ادا ڪرڻ بدران انتقام طور سڄو سال ڪوشش رهي ته پارليامينٽ کي هلڻ نه ڏنو وڃي جنهن ۾ پي ٽي آءِ سڄو سال ڪامياب رهي. ائين عمران خان جي گرفتاري توڙي 9 مئي  واري ڪيس تي به سڄو سال ڇڪتاڻ رهي.

هوڏانهن اتحادي جماعت ۾ به سڄو سال اختلاف رهيا. خاص ڪري وفاقي حڪومت جي ڇهن ڪئنالن واري مامري تي پ پ جو وفاقي حڪومت سان سخت اختلاف رهيو آهي.  پ پ کي شڪايت آهي ته وفاقي حڪومت ان کي فيصلن ۾ اعتماد ۾ نه ٿي وٺي. سنڌ ۾ وري پ پ ۽ ايم ڪيو ايم ۾پڻ  ڇڪتاڻ رهي.

وفاقي حڪومت گذريل سال عدليه سان به 26 هين ترميم ڪري مهاڏو اٽڪايو ۽ ملڪ اندر اهو تاثر پيدا ڪيو ته اها ترميم عدليه کي ڪنٽرول ۾ رکڻ جي ڪوشش آهي. ائين پيڪا قانون آڻي وفاقي حڪومت اهو غير جمهوري تاثر به جوڙيو آهي ته حڪومت سوشل، اليڪٽرانڪ توڙي پرنٽ ميڊيا کي به پنهنجي ڪنٽرول ۾ آڻڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي.سو جتي پهرين سال وفاقي حڪومت عدليه، ميڊيا ۽ پي ٽي آءِ سان ڇڪتاڻ ۾ رهي  اتي اسٽيبلشمينٽ سڄو سال حڪومت سان هڪ پيج تي رهي جنهن ڪري حڪومت پنهنجي جاءِ تي مستحڪم رهي.

جڏهن ته عوام کي گذريل سال ڪو خاص رليف نه مليو. جيتوڻيڪ حڪومت جي دعويٰ آهي ته ملڪي معيشيت کي استحڪام نصيب ٿيو آهي پر عوام کي بجلي، گيس يا ٻين شين جي اگهن يعني مهانگائي ۾ ڪو خاص رليف نه ملي سگهيو آهي جڏهن ته حڪومت جو خيال آهي ته ان ڏس ۾ اها ڪم ڪري رهي آهي ۽  ان جو سفر اوڏانهن ئي آهي.

ڪراچي ۾ ڏينهن ڏٺي جو هيوي گاڏين جي هلڻ ۽ خاص ڪري ڊمپر گاڏين جو تيز رفتاري ۽ لاپرواهي سبب موٽر سائيڪل سوارن مٿان چڙهي وڃڻ ۽ ان سبب ٿيل نقصانن جو سنڌ جي گورنر ڪامران ٽسوريءَ سخت نوٽيس وٺندي پ پ حڪومت کي چتاءُ ڏنو  آهي ته جيڪڏهن اها هڪ هفتي اندر هيوي ٽريفڪ کي ڏينهن ڏٺي  جو روڊن تي اچڻ کان روڪڻ واري قانون تي عمل نه ڪري سگهي ته هو پاڻ روڊن تي ايندو ۽ هيوي گاڏين کي پاڻ روڪي انهن کي ٽريفڪ اهلڪارن کان سوگهو ڪرائيندو.

عام طور تي گورنرن جو ڪم سفارتي نوعيت جو هوندو آهي پر ايم ڪيو ايم سان واسطو هئڻ ڪري هن پاڻ کي سياسي ۽ سرگرم قسم جي گورنر هئڻ جو تاثر ڏنو آهي. ايم ڪيو ايم به جيئن ته موجوده وفاقي حڪومت جي اتحادي آهي تنهن ڪري سندس جماعت کي گورنرشپ ڏني وئي آهي پر اصل ۾ گورنر وفاقي حڪومت جو نمائندو تصور ڪيو ويندو آهي ۽ پ پ به جيئن ته وفاقي حڪومت جي مضبوط ترين اتحادي آهي تنهن ڪري گورنر کي اصولي طور تي سنڌ حڪومت سان ٽڪراءُ ۾ اچڻ کان پاسو ڪرڻ گهرجي پر گورنر ڪامران ٽيسوري هاڻي سڌو سنئون سنڌ حڪومت جي معاملن ۾ مداخلت ڪرڻ لڳو آهي جنهن جي پ پ، وفاقي حڪومت سان شڪايت به ڪري  سگهي ٿي. ڇاڪاڻ ته ٽريفڪ نظام جو معاملو سنڌ حڪومت جي ماتحت آهي، گورنر کي اصولي طور تي ان معاملي ۾ مداخلت نه ڪرڻ گهرجي پر ان جو پسمنظر سياسي رساڪشي آهي. جيئن تازو ڪراچي ۾ هڪ واپاريءَ وفاقي وزير کي چيو ته مراد علي شاهه اوهان وٺو ۽ مريم نواز کي سنڌ جي وڏ وزارت ڏيو جنهن جي جواب ۾ بلاول ڀٽو زرداري سميت پ پ اڳواڻن وري ان واپاري کي  ايم ڪيو ايم جي حڪومت جا ڀتي وٺڻ ۽ ڌمڪين ڏيڻ وارا ڏينهن ياد ڏياريا جنهن تي پ پ ۽ ايم ڪيو ايم ۾ ڇڪتاڻ ٿي. هاڻي وري ڊمپرز جي روڊ حادثن جي  اوٽ ۾ گورنر ڪامران ٽيسوري وري اهو تاثر ڏيڻ لڳو آهي ته پ پ حڪومت کان ڪراچي جو ٽريفڪ نظام به سنڀالڻ ڏکيو آهي سو اهو سندس حوالي ڪيو وڃي ته هفتي اندر سڌاري ڏيکاري.

اسان سنڌ جي گورنر ڪامران ٽيسوري جي پ پ حڪومت کي ڏنل ان چئيلنج کي جيتوڻيڪ سياسي رساڪشي جي پسمنظر ۾ ڏسون ٿا پر ان حقيقت کان انڪار ناهي ته  پ پ جي گورننس تي هر ڪو سوال اٿاري رهيو آهي جنهن جو مطلب اهو آهي ته سنڌ حڪومت کي پنهنجي گورننس تي گهڻو ڌيان ڏيڻ گهرجي جيئن ان کي اهي مِهڻا نه ملن.

 

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.