ٽه ملڪي سيريز: فلپس جو قذافي ۾ قهر، ” پاڪستاني بالرن ثواب سمجهي ڪٽڪو کاڌو“

ٽه ملڪي ٽورنامينٽ جي پهرئين ميچ ۾ نيوزيلينڊ جي بيٽرن پاڪستاني بالرن کي اهڙا ڇڪا چوڪا هنيا جو قذافي اسٽيڊيم جي هر ڪنڊ ۾ بال ويا، جنهن ڏسندڙن کي به اهو سوچڻ تي مجبور ڪيو ته چيمپيئنز ٽرافي ۾ سندن ٽيم سان ڪهڙو حشر ٿيڻ وارو آهي.
ڇنڇر تي ٿيل هن ميچ ۾ نيوزيلينڊ ٽاس کٽي پهرين بيٽنگ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ۽ جڏهن اننگز ختم ٿي ته لڳي رهيو هو ته ڄڻ نيوزيلينڊ ٽيم جي پاڪستان اچڻ جو مقصد ئي شاهين شاهه آفريدي ۽ نسيم شاهه جي بالن کي بائونڊري پار پهچائڻ هو.
نيوزيلينڊ مقرر 50 اوورن ۾ 6 وڪيٽن جي نقصان تي 330 رنسون ٺاهيون.
شاهين شاهه آفريدي 10 اوورن ۾ 88 رنسون ڏئي 3 وڪيٽون ورتيون، جڏهن ته نسيم شاهه جي 10 اوورن ۾ ڪيوي بيٽرن 70 رنسون ٺاهيون.
جيتوڻيڪ ڪين وليمسن ۽ ڊيرل مچل به پاڪستان خلاف ففٽيون اسڪور ڪيون، پر گلين فلپس نيوزيلينڊ جو اهو بيٽر هو، جنهن آخري اوورن ۾ نه رڳو 72 بالن تي پنهنجي ڪيريئر جي پهرين سنچري مڪمل ڪئي، پر پنهنجي ٽيم کي به 330 رنسن تائين پهچائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو.
ايڏي جارحاڻي اننگز کي ساراهڻ ڪا عام ڳالهه ناهي، پر پاڪستاني مداح فلپس جي بيٽنگ کان وڌيڪ پنهنجي بالرن جي ناڪامي تي ڳڻتي ظاهر ڪئي.
گلين فلپس جي اننگز ايتري جارحاڻي هئي جو ڀارت ۾ به ڪرڪيٽ جا شوقين پريشان نظر آيا.
هڪ ڀارتي سوشل ميڊيا واهپيدار سشانت چترويدي لکيو ته”گلين فلپس کي آخري ڏهه اوور ۾ کيڏڻ جي اجازت نه ڏيو“
پاڪستان ۾ به ڪرڪيٽ جي مداحن گلين فلپس جي واکاڻ ڪئي.
هڪ صارف لکيو ته” هو ان وقت بيٽنگ لاءِ آيو جڏهن سندس ٽيم لاءِ 280 رنسون به مشڪل لڳي رهيون هيون، پر هن نه رڳو پنهنجي پهرين ون ڊي انٽرنيشنل سنچري مڪمل ڪئي، پر ٽيم کي به 330 جهڙي وڏي اسڪور تائين پڄايو.“
ھاڻي اچو ته ڪجهه پاڪستاني بالرن بابت ڳالهايون، جن جي ڪارڪردگي سوشل ميڊيا تي سڀ کان وڌيڪ بحث هيٺ آهي.
شاهين شاهه آفريدي پهريون اسپيل سٺو هلايو، پر گلين فلپس سندس آخري اوورن کي هڪ ڀوائتي خواب ۾ تبديل ڪري ڇڏيو، هن آخري ٻن اوورن ۾ شاهين آفريدي خلاف 42 رنسون ٺاهيون.
هڪ ايڪس واهپيدار شاهين شاهه آفريدي جي خراب بالنگ تي لکيو ”چيمپيئنز ٽرافي کان اڳ پاڪستان لاءِ هڪ ڳڻتي جوڳي ڳالهه آهي.“
اهڙي صورتحال ۾ پاڪستاني مداح پنهنجي ٽيم تي ٺٺول ڪرڻ کان به نه مڙيا
هڪ صارف لکيو، “پاڪستاني بالرن ثواب سمجهي سٽڪو کاڌي.“
ان کانسواءِ ڪرڪيٽ جي شوقينن کي نسيم شاهه جي بالنگ تي به ڳڻتي آهي.
هڪ سوشل ميڊيا واهپيدار لکيو، ”نسيم شاهه هاڻي پهريان جهڙو بالر نه رهيو آهي، مان کيس انجري کانپوءِ نوٽ ڪري رهيو آهيان، هاڻي هو خطرناڪ نه ٿو لڳي.“
پاڪستاني ٽيم ۾ اڄوڪي ميچ لاءِ حارث رئوف کي ٽئين فاسٽ بالر طور شامل ڪيو ويو، پر هو رڳو 6.2 اوورن کانپوءِ پاسيرين ۾ تڪليف سبب گرائونڊ مان ٻاهر هليو ويو، هن پنهنجي اوورن ۾ 23 رنسون ڏئي هڪ وڪيٽ حاصل ڪئي، سندس اڻپورو اوور سلمان آغا مڪمل ڪيو.
ان ڏس ۾ پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ (پي سي بي) جو چوڻ آهي ته حارث رئوف”لو گريڊ ون اسٽرين“ ۾مبتلا آهي، کيس پيٽ جي مسلز ۾ به تڪليف آهي، فوري طور تي کيس طبي امداد ڏني وئي آهي.
پي سي بي موجب، حارث رئوف جي گرائونڊ ۾ واپسي لاءِ سندس طبيعت جو ٻيهر جائزو ورتو ويندو.
واضح رهي ته حارث رئوف چيمپيئنز ٽرافي جي اسڪواڊ ۾ پڻ شامل آهي.
هڪ واهپيدار لکيو ”نيوزيلينڊ خلاف ميچ ۾ حارث رئوف جا وڌيڪ چار اوور فرق پيدا ڪري پئي سگهيا.“
هن وڌيڪ لکيو ته”شاهين شاهه آفريدي ۽ نسيم شاهه اننگز جي آخر ۾ سٺي بالنگ ڪرڻ جي صلاحيت نٿا رکن.“
ياد رهي ته هن ٽورنامينٽ ۾ ٽئين ٽيم ڏکڻ آفريقا آهي، جيڪا سومر تي لاهور ۾ ئي نيوزيلينڊ سان مهاڏو اٽڪائيندي ، جڏهن ته پاڪستان ۽ ڏکڻ آفريقا جي ميچ 12 فيبروري تي ڪراچيءَ ۾ شيڊيول آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.