دواساز ڪمپنيون موت جو سامان ورهائڻ لڳيون، عوام خبردار!

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڊرگ ٽيسٽنگ ليبارٽري سنڌ جي رپورٽ ۾ انڪشاف ٿيو آهي ته ملڪي ۽ پرڏيهي ڪمپنين جون 100 کان وڌيڪ دوائون غير معياري آهن.
رپورٽ موجب ڊرگ انسپيڪٽرن ذريعي مارڪيٽ مان ڪيترائي سيمپل گهرايا ويا، رپورٽ ۾ 100 کان وڌيڪ دوائن کي جعلي ۽ غير معياري قرار ڏنو ويو.
رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو ته مارڪيٽ مان ورتل سيمپلز ۾ دوا جو گهربل مقدار موجود نه هو، ڊرگ ٽيسٽنگ ليبارٽري ٻن مهينن ۾ 43 دوائن کي غير معياري قرار ڏنو، ٽيسٽنگ دوران 65 مختلف دوائون جعلي نڪتيون، 9 دوائن ۾ هربل جي ملاوٽ به ثابت ٿي.
رپورٽ ۾ حياتي بچائيندڙ دوائون به غير معياري قرار ڏنيون ويون ۽ ٻڌايو ويو ته اهڙيون دوائون وڪرو ڪندڙن جا لائسنس رد ڪري سگهجن ٿا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.