پوليو مهم دوران عملي جي غير حاضري، 12 ميونسپل ڪمشنرن کي شوڪاز نوٽيس

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي بلديات کاتي 12 ميونسپل ڪمشنرن کي شوڪاز نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو.
شوڪاز نوٽيس ۾ سڀني ميونسپل ڪمشنرن کي لاڳاپيل اسسٽنٽ ڪمشنرن وٽ رپورٽ ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي.
بلديات کاتي جو چوڻ آهي ته پوليو روڪ مهم ۾ عملي جي حاضري يقيني بڻائڻ جو حڪم جاري ڪيو ويو آهي، مهم دوران عملي جي غير حاضري تي ميونسپل ڪمشنر موقف پيش ڪن.
شوڪاز نوٽيس ميونسپل ڪمشنر گڏاپ، ناظم آباد، لياقت آباد، جناح ٽائون، چنيسر ٽائون ۽ ٻين کي جاري ڪيو ويو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.