اسلام آباد (م ڊ) سي ايس ايس 2025 جي امتحانن جي تاريخن تي شاگردن احتجاج ڪندي نتيجن جي اعلان تائين امتحان ملتوي ڪرڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو. ڪيترن ئي اميدوارن فيڊرل پبلڪ سروس ڪميشن کي سي ايس ايس جا امتحان ملتوي ڪرڻ جي باضابطا درخواست اي ميل ۽ هارڊ ڪاپي ذريعي ڏئي ڇڏي. سڄي ملڪ جي سي ايس ايس امتحانن ۾ حصو وٺندڙ شاگردن خطيب خان، محمود خان ۽ ٻين اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪئي ۽ خدشن جو اظهار ڪيو. هنن چيو ته شاگردن کي تياري لاءِ محدود وقت ڏنو وڃي ٿو، سي ايس ايس لاءِ ايم پي ٽي 41 ڏينهن دير جو شڪار رهيو، شاگردن کي لکت ۾ امتحان جي تياري ۾ ڏکيائي ٿي. 29 کان 30 سالن جا اميدوار سي ايس ايس 2026 جي امتحان ۾ ويهڻ جا اهل نه آهن، ان لاءِ 2024 جي نتيجن جي اعلان کان اڳ امتحان ۾ ويهڻ مناسب ناهي. شاگردن چيو ته ايف اي ٽي اي، بلوچستان ۽ سنڌ جهڙن پٺتي پيل علائقن سان واسطو رکندڙ اميدوار تعليمي اڻ برابري کي منهن ڏين ٿا، هو پهريان ايم پي ٽي جي تياري ڪن ٿا ۽ ڪاميابي کانپوءِ حتمي لکت ۾ امتحان جي تياري ۾ لڳي وڃن ٿا. اڪثر شاگرد ايم پي ٽي پاس ڪرڻ ۾ ڏکيائين جو شڪار ٿين ٿا ۽ ماضي ۾ ايف پي ايس سي رڪارڊ مان خبر پوي ٿي ته انهن علائقن لاءِ رکيل سيٽون خالي رهجي وڃن ٿيون ڇو ته شاگردن کي تياري جو وقت نٿو ڏنو وڃي.