اسلام آباد (م ڊ) سپريم ڪورٽ ۾ ججن جي مقرري جي معاملي تي 4 ججن چيف جسٽس کي خط لکي ڇڏيو، جڊيشل ڪميشن جو اجلاس ملتوي ڪرڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو. جسٽس منصور علي شاهه، جسٽس منيب اختر، جسٽس عائشا ملڪ ۽ جسٽس اطهر من الله خط ۾ 10 فيبروري کي جڊيشل ڪميشن جو رٿيل اجلاس ملتوي ڪرڻ جو مطالبو ڪيو. خط جي متن موجب 26هين ترميم ڪيس ۾ آئيني بينچ فل ڪورٽ جو چئي سگهي ٿي، نوان جج آيا ته فل ڪورٽ ڪهڙي هوندي، اهو تڪرار ٿيندو. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ 3 جج بدلي ٿيا آهن، آئين موجب نون ججن جو اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ ٻيهر حلف لازمي هو. حلف کانسواءِ ججن جو جج هجڻ شڪي ٿي ويندو آهي، ان جي باوجود اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ سينارٽي لسٽ تبديل ٿي چڪي آهي. موجوده حالتن ۾ جج آڻڻ سان ڪورٽ پيڪنگ جو تاثر ملي ٿو، پڇڻ چاهيون ٿا ته عدالت کي ان صورتحال ۾ ڇو وڌو پيو وڃي؟ متن موجب ڪنهن جي ايجنڊا ۽ مفاد تي عدالت کي ان صورتحال جي ور چاڙهيو پيو وڃي؟ 26هين تميم جي فيصلي تائين ججن جي مقرري ملتوي ڪئي وڃي. گهٽ ۾ گهٽ آئيني بينچ کان فل ڪورٽ جي درخواست تي فيصلي تائين مقرري ملتوي ڪئي وڃي، اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ججن جي سينارٽي طئي ٿيڻ تائين ججن جي مقرري روڪي وڃي.