بجلي بلن ۾ فيول پرائيس ايڊجسٽمينٽ سرچارجز خلاف درخواست منظور

اسلام آباد (م ڊ) سپريم ڪورٽ جي آئيني بينچ بجلي بلن ۾ فيول پرائيس ايڊجسٽمينٽ سرچارجز خلاف درخواست ٻڌڻي لاءِ منظور ڪري ورتي. جسٽس امين الدين جي سربراهي ۾ آئيني بينچ جماعت اسلامي جي درخواست تي رجسٽرار آفيس جا اعتراض ختم ڪري ڇڏيا ۽ درخواست کي آئي پي پيز ڪيس سان ٻڌڻ جو فيصلو ڪري ورتو. جسٽس جمال مندوخيل چيو ته بجلي جي بلن ۾ اوڳاڙيل ٽيڪس خزاني ۾ وڃن ٿا. جسٽس حسن اظهر رضوي رمارڪس ڏنا ته بجلي جي اگهن تي نيپرا ۾ ٻڌڻي به ٿئي ٿي، جماعت اسلامي ڪڏهن نيپرا ٻڌڻي دوران اعتراض ڪيو؟ لائن لاسز جو وڏو سبب بجلي جي چوري آهي، ڪڏهن بجلي چوري خلاف مهم هلائي؟ جماعت اسلامي جي وڪيل چيو ته بجلي جي بلن ۾ سرچارجز، مختلف ٽيڪس ۽ ايف اي ڊي شامل هوندو آهي، اسان جي درخواست مختلف نوعيت جي سرچارجز ۽ ايف اي ڊي خلاف آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.