مورو/دولتپور صفن (نمائندن وٽان)سنڌو درياهه مٿان نوان ڪئنال ٺاهڻ ۽ سنڌ سڪائڻ خلاف جسقم آريسر گروپ پاران سکر کان ڪراچي طرف نڪتل پيادل مارچ مورو، شاهپور جهانيان کانپوءِ دولتپورصفن پهتو، جتي اڳواڻن اسلم خيرپوري،سرمد ميراڻي، خادم چانڊيو، خير محمد سيال، سرفراز ميمڻ عوامي آواز سان ڳالهائيندي چيو ته هي مارچ سنڌو درياهه تي 6 نوان ڪئنال ٺاهڻ خلاف هي پيادل مارچ نڪتو آهي، هنن وڌيڪ چيو ته سنڌو درياهه تي نوان ڪئنال ٺاهڻ سان سنڌ جي زراعت ۽ ماحول تي شديد اثر پوندو، جيڪو سنڌ کي سڪائڻ جي برابر آهي،اڳواڻن جو چوڻ هو ته هي پيادل مارچ سنڌ جي پاڻيءَ جي حقن لاءِ جدوجهد جو حصو آهي ۽ اسان چاهيون ٿا ته سنڌ جي عوام کي پاڻيءَ جي کوٽ کان بچايو وڃي،هنن وفاقي حڪومت تي زور ڀريو ته سنڌو درياهه تي غير قانوني ڪئنالن جي اڏاوت روڪڻ لاءِ قدم کنيا وڃن، ٻي صورت ۾ سنڌ جو عوام پنهنجا حق وٺڻ لاءِ وڌيڪ سخت احتجاج ۽ تحريڪن جو رستو اختيار ڪندو.