لاڙڪاڻو(عبدالوحيد ابڙو) لاڙڪاڻي پاڪستان پيپلز پارٽي سنڌ جي صدر نثار کهڙو پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته ملڪ ۾ مهانگائي به آهي زراعت وارو شعبو ملڪ ۾ بي يارو مددگار بڻيل آهي، آبادگارن ۽ هارين کي مارڪيٽ حوالي ڪيو ويو آهي جن کي جنس جا مناسب اگهه نه پيا ملن، هن چيو ته پاڪستان ڪڻڪ جي حوالي سان سرپلس آهي ته حڪومت اعلان ڪري ته هو سرڪاري ۽ خانگي شعبا ٻاهر امپورٽ نه ڪندا، گهٽ قيمت جي ڪري 50 سيڪڙو ڪڻڪ جو فصل في ايڪڙ گهٽ ٿيو آهي. هن چيو ته چانور ايڪسپورٽ ٿيڻ سان سٺي آمدني ٿيندي آهي پر ان ۾ مڊل مين جي ڪردار کي ختم ڪرڻ گهرجي، وفاقي حڪومت کان مطالبو آهي ته 10 سالن کان بند پيل سکر ڪراچي موٽر وي پبلڪ پرائيوٽ پارٽنر شپ يا سرڪاري سطح تي ٺهڻ گهرجي. هن چيو ته سنڌ پاڪستان ٺاهيو ۽ سنڌ جي معيشت ۾ اهم ڪردار آهي ته اسان کي ڪراچي سرڪيولر ريلوي به گهرج،هن چيو ته بدامني جون خبرون روز ٻڌون ٿا، نئون ديرو ۾ پيش آيل واقعي کان پوءِ امن امان جي صورتحال کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ لاءِ ضرورت آهي.