موڪل وارين درخواستن جي ٻولي ۽ لکت ۾ هڪ جهڙائي

حيدرآباد: پوليس جي مختلف برانچن جي انچارجن ۽ آفيسرن جي ڏنل موڪل وارين درخواستن جي ٻولي ۽ لکت هڪجهڙي نظر آئي ۽ اهي درخواستون هڪ ئي وقت مختلف واٽس ايپ گروپن ۽ فيسبڪ تي شيئر ٿيون. پوليس آفيسر گڏجي ايس ايس پي آفيس ۾ درخواستون هٿ ۾ کڻي احتجاج ڪندا داخل ٿيا. اهڙي وڊيو پڻ سوشل ميڊيا ۽ ٽي وي چئنلن تي نظر آئي آهي.

  1. وڪيلن جو احتجاج 17 ڪلاڪن تائين جاري رهيو

حيدرآباد: وڪيلن جو ايس ايس پي آفيس ۾ پوليس خلاف 17 ڪلاڪن تائين احتجاج جاري رهيو، رات جو دير سان ڊي آءِ جي ڳالهين لاءِ پهتو ۽ اڍائي وڳي کانپوءِ  وڪيلن احتجاج ختم ڪيو، حيدرآباد جي وڪيلن سان يڪجهتي جي اظهار طور ڪراچي بار ايسوسيئيشن جو صدر عامر وڙائچ به حيدرآباد پهتو هو. حيدرآباد ۾ وڪيلن جو پوليس خلاف اهو وڏي وڏي ۾ وڏو احتجاج هو.

  1. ايس ايس پي کي هٽائڻ جي خاطري ملي آهي:وڪيل

حيدرآباد: حيدرآباد ۾ پوليس ۽ وڪيلن وچ ۾ تڪرار جي نتيجي ۾ وڪيلن جي ٿيل احتجاج کانپوءِ گذريل رات دير سان ڊي آءِ  جي حيدرآباد طارق رزاق ڌاريجو احتجاج ڪندڙ وڪيلن سان ڳالهيون ڪرڻ جي لاءِ ايس ايس پي آفيس پهتو هو، وڪيل اڳواڻن ۽ ڊي آءِ جي حيدرآباد ۾ ڳالهيون ٿيون ۽ وڪيلن جا مطالبا تسليم ٿيڻ کانپوءِ وڪيل احتجاج ختم ڪري ايس ايس پي آفيس مان هليا ويا. ڳالهين دوران ڊي آءِ جي حيدرآباد 6 فيبروري تي بار ۾ وڃي وڪيلن جون شڪايتون ختم ڪرڻ جو يقين ڏياريو. احتجاج ڪندڙ وڪيلن صحافين سان ڳالهائيندي دعويٰ ڪئي ته ڊي آءِ جي حيدرآباد طارق رزاق ڌاريجو ايس ايس پي حيدرآباد فرخ لنجار کي هٽائڻ ۽ ايس ايڇ او سميت وڪيل علي رضا بوزدار سان بدتميزي بعد کيس يرغمال بڻائي ڪيس داخل ڪرڻ ۾ ملوث سمورن اهلڪارن خلاف ڪارروائي جو يقين ڏياريو. ايس ايس پي جي بدلي سميت سمورا مطالبا تسليم ڪيا ويا آهن. ڊي آءِ جي اڄ 6 فيبروري تي 12 وڳي بار پهچي وڪيلن جا مسئلا ٻڌي حل ڪندو. ڊي آءِ جي حيدرآباد چيو ته اسين پاڻ ۾ ڀائر آهيون، سمورا مسئلا ڳالهين ذريعي حل ڪنداسين.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.