پهريان چين پوءِ ڪنهن ٻئي جا اتحادي آهيون:صدرآصف زرداري

بيجنگ(م ڊ) صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته اسان پهريان چين جا اتحادي آهيون پوءِ ڪنهن ٻئي جا اتحادي آهيون. صدر آصف علي زرداري چين جي سرڪاري دوري تي بيجنگ جي گريٽ هال پهتو، جتي چيني صدر شي جن پنگ سندس شاندار استقبال ڪيو. سرڪاري ٽي وي پي ٽي وي موجب صدر آصف علي زرداري جي عظيم عوامي هال ۾ آمد جي موقعي تي هٿياربند فوجن گارڊ آف آنر  پيش ڪيو. ان موقعي تي پاڪستان ۽ چين جا قومي ترانا پڻ وڄايا ويا، جڏهن ته ٻنهي ملڪن جي صدرن پنهنجي وفدن جو تعارف ڪرايو. صدر چيو ته چين جي مثالي ترقي ۽ خوشحالي چيني قيادت جي ويزن ۽ عوام جي سرگرميءَ جو مظهر آهي. آصف زرداري عالمي ترقي ۾ چين جي تعاون تي چيني صدر کي خراج تحسين پڻ پيش ڪيو. ان موقعي تي چيني صدر چيو ته چين ۽ پاڪستان اسٽريٽجڪ سهڪاري ڀائيوار آهن، چين ۽ پاڪستان جي لازوال روايتي دوستي تاريخي آهي، پاڪ چين دوستي ٻنهي ملڪن ۽ انهن جي عوام جو قيمتي اثاثو آهي. چيني صدر چيو ته ٻنهي ملڪن سي پيڪ جي تعمير کي هٿي ڏني آهي، مختلف شعبن ۾ سهڪار کي هٿي ڏني آهي، پاڪستان جو تعاون ٻطرفن لاڳاپن ۾ هڪ مثال آهي. ملاقات ۾ گهرو وزير محسن نقوي، سنڌ جو وڏو وزير مراد علي شاهه ۽ وفد جا ميمبر پڻ موجود هئا. صدر زرداري بيجنگ ۾ نيشنل پيپلز ڪانگريس آف چائنا جي اسٽينڊنگ ڪميٽي جي چيئرمين چاؤلي چي سان به ملاقات ڪئي، جنهن ۾ پاڪ چين اقتصادي راهداري جي ترقي تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.  پاڪستان ۾ چينين جي سيڪيورٽي تي به ڳالهه ٻول ڪئي وئي. گهرو وزير محسن نقوي چيني صدر کي پاڪستان ۾ چينين جي سيڪيورٽي بابت بريفنگ ڏني. ان کان پوءِ بيجنگ ۾ پاڪستان ۽ چين وچ ۾ مفاهمت جي ياداشت تي صحيحون ڪيون ويون، جنهن ۾ صدر آصف زرداري ۽ چيني هم منصب شي جن پنگ به موجود هئا. پاڪستان ۽ چين وچ ۾ سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جي شعبي ۾ تعاون جي حوالي سان مفاهمت جي يادداشت تي صحيحون ڪيون ويون. اهڙي طرح پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ صنعت، واپار ۽ اقتصادي شعبن ۾ سهڪار تي صحيحون پڻ ڪيون ويون. پاڪستان ۽ چين وچ ۾ صحت، ميڊيا، توانائي، سماجي، اقتصادي ترقي سميت مختلف شعبن ۾ سهڪار وڌندو. وفاقي گهرو وزير محسن نقوي چيو آهي ته چين کان پوليس لاءِ جديد ٽيڪنالاجي ۽ سامان وٺنداسين. محسن نقوي چين جي دوري جي موقعي تي چيني هم منصب سان ملاقات ڪئي، جنهن ۾ انٽيليجنس شيئرنگ کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ تي اتفاق ڪيو ويو. محسن نقوي چيو ته چين کان پوليس لاءِ جديد ٽيڪنالاجي ۽ سامان وٺنداسين، ملاقات ۾ نيشنل پوليس اڪيڊمي سان سهڪار تي ڳالهه ٻولهه ٿي آهي ۽ بيجنگ پوليس ۽ اسلام آباد پوليس ۾ سهڪار وڌائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.

 

 

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.