غزا ( م ڊ ) جڏهن کان آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ غزا مان فلسطينين کي ٻئي هنڌ منتقل ڪرڻ ۽ غزا تي قبضي کانپوءِ ٻيهر تعمير جي تجويز ڏني آهي، جنهن تي ماڻهن جو ردعمل اچڻ شروع ٿي ويو آهي، غزا جي رهواسي جمال وادي ميڊيا کي ٻڌايو ته ”مان پنهنجي گهر جي ٻيهر تعمير ۽ ان ۾ رهڻ جو منتظر آهيان ۽ اسان جي آڏو نه ته ٽرمپ ۽ نه ئي ڪو ٻيو اهميت رکي ٿو.هن چيو ته جيستائين اسان جي ٻارن جي رت جو هڪ قطرو به باقي آهي، تيستائين غزا کان ٻاهر نه نڪرنداسين ۽ نه هارائينداسين،“
اسان اتي ئي زنده رهنداسين ڄڻ ڪجهه ٿيو ئي ناهي ۽ پوءِ غزا جي ٻيهر تعمير ٿي ويندي. محمود باهجت جو چوڻ آهي ته جڏهن هن ٽرمپ جو بيان ٻڌو ته مون خدا کان دعا ڪئي ته عرب ملڪ اهڙي ڪنهن تجويز کي رد ڪن ڇو ته اسان هتي ئي وڏا ٿيا آهيون.انهن جو چوڻ آهي ته هي اسان جي زمين آهي ۽ اسين غزا کان سواءِ ڪٿي به رهي نٿا سگهون. غزا اسان جي ڌرتي آهي، اسان هتي ئي پيدا ٿيا آهيون، ان کي ڪيئن ڇڏينداسين. اسان ٽرمپ جي فيصلي جي خلاف آهيون، هوڏانهن حماس ٽرمپ جي منصوبي کي تڪرار پيدا ڪرڻ جو نسخو قرار ڏئي ڇڏيو، حماس جي سينيئر اڳواڻ سميع ابو زهري غزا جي رهواسين کي ملڪ ڇڏڻ لاءِ ٽرمپ جي ڪال جي مذمت ڪندي ان کي افراتفري ۽ ڇڪتاڻ جو نسخو قرار ڏنوآهي، پرڏيهي ميڊيا موجب حماس جي سينيئر اڳواڻ سميع ابو زهري آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي غزا جي رهواسين کي ملڪ ڇڏڻ جي مطالبي جي مذمت ڪندي ان کي فلسطينين کي سندن سرزمين تان بي دخل ڪرڻ قرار ڏنو آهي.
-
سعودي عرب غزا تي قبضي بابت ٽرمپ جي بيان کي رد ڪري ڇڏيو
رياض( م ڊ )ڊونلڊ ٽرمپ غزا تي قبضو ڪرڻ ۽ فلسطينين کي ٻين ملڪن ۾ آباد ڪرڻ جي تجويز ڏني آهي، سعودي عرب غزا بابت آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي تجويز کي رد ڪندي چيو آهي ته فلسطيني رياست جي قيام کان سواءِ اسرائيل سان لاڳاپا معمول تي نه ٿا اچي سگهن.
پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب سعودي عرب جو اهو ردعمل آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ان بيان تي سامهون آيو آهي جنهن ۾ هن چيو هو ته غزا جي رهواسين کي مصر يا اردن منتقل ٿيڻ گهرجي.غزا تي آمريڪي قبضي بابت آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي تازي بيان تي رد عمل ظاهر ڪندي سعودي عرب زور ڏنو آهي ته هو فلسطينين کي پنهنجي سرزمين تان بي دخل ڪرڻ جي ڪنهن به ڪوشش کي رد ڪرڻ تي زور ڀريو آهي. سعودي عرب جو اهو بيان آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ۽ اسرائيلي وزيراعظم نيتن ياهو وچ ۾ هڪ نيوز ڪانفرنس کانپوءِ سامهون آيو، جنهن ۾ آمريڪي اڳواڻ چيو ته هو چاهي ٿو ته آمريڪا غزا تي قبضو ڪري ۽ فلسطينين کي پاڙيسري ملڪن ڏانهن منتقل ڪرڻ کانپوءِ علائقي کي ٻيهر تعمير ڪري.
-
حڪومت ۽ اسٽيبلشمينٽ فلسطين بابت ٽرمپ جي بڪواس تي واضح موقف ڏين: فضل الرحمان
اسلام آباد(م ڊ)جميعت علماءِ اسلام (ف) جي سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته هو فلسطين تي اسرائيلي قبضي کي تسليم نٿا ڪن ۽ حڪومت ۽ اسٽيبلشمينٽ کي گهرجي ته غزه بابت آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي بيان تي واضح موقف اختيار ڪري ۽ قوم جي ضمير جو اظهار ڪري. جميعت علماءِ اسلام (ف) جي سربراهه مولانا فضل الرحمان آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي غزه بابت توهين واري بيان تي سخت ردعمل ڏيندي چيو آهي ته آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ۽ اسرائيلي وزيراعظم نيتن ياهو وچ ۾ ملاقات دوران غزه بابت ڳالهه ٻولهه ٿي. هن زهر اوڳاڇڻ خلاف امت مسلمه سراپا احتجاج آهي. مولانا فضل الرحمان چيو ته سڄي مسلمان امت فلسطينين سان گڏ بيٺي آهي، مان ٽرمپ کي ٻڌائڻ چاهيان ٿو ته توهان افغانستان تي به قبضو ڪرڻ چاهيو ٿا ۽ اتي 20 سالن تائين رت وهايو، افغانستان ۾ انساني حقن جي ڀڃڪڙي ڪئي، جنگ مسلط ڪئي پر اتي شڪست کي منهن ڏيڻو پيو.
-
سعودي عرب پنڻ ويندڙ شخص ڪراچي ايئر پورٽ تان گرفتار
ڪراچي( رپورٽر)هڪ شخص جنهن کي سعودي عرب مان پنڻ ۾ ملوث هجڻ جي الزام ۾ ڊي پورٽ ڪيل هڪ شخص کي ٻيهر وڃڻ جي ڪوشش ڪندي گرفتار ڪيو ويو. ايف آءِ اي ترجمان مطابق ملڪ جي سمورن ايئرپورٽن تي مسافرن جي سخت اسڪريننگ جاري آهي، جنهن دوران پنڻ جي مقصد لاءِ سعودي عرب وڃڻ واري مسافر جي ڪوشش ناڪام بڻائي وئي. ڪراچي ايئرپورٽ تي ايف آءِ اي اميگريشن ڪارروائي ڪندي پنڻ جي مقصد لاءِ سعودي عرب وڃڻ واري مسافر جي ڪوشش ناڪام بڻائي ڇڏي. جوابدار جي سڃاڻپ محمد عثمان طور ٿي آهي، جنهن جو تعلق ڪنڌڪوٽ سان آهي. شروعاتي جاچ موجب جوابدار جو نالو اسٽاپ لسٽ ۾ شامل هو. ملزم کي اڳ ۾ پنڻ ۾ ملوث هجڻ جي الزام ۾ سعودي عرب مان نيڪالي ڏني وئي هئي. گرفتار جوابدار کي وڌيڪ قانوني ڪارروائي لاءِ اينٽي هيومن اسمگلنگ سرڪل ڪراچي حوالي ڪيو ويو آهي.
-
ڪشميري ڀائرن سان يڪجهتي لاءِ ڪراچي ۾ سياسي جماعتن جون ريليون
ڪراچي (رپورٽر) پاڪستان پيپلزپارٽي ڪراچي ڊويزن پاران ڪشميرين سان يڪجهتي لاءِ پريس ڪلب ٻاهران مظاهرو ڪيو، جنهن ۾ ڊپٽي اسپيڪر سنڌ اسيمبلي نويد اينٿوني،وقار مهدي سميت پيپلزپارٽي ڪراچي ڊويزن جي عهديدارن ۽ ڪارڪن شامل هئا، ان موقعي تي پ پ اڳواڻن ڳالهائيندي چيو ته ڀارت ڪشميري عوام سان ظلم ڪرڻ بند ڪري پاڪستاني عوام ڪشميرين سان گڏ آهي ۽ ڪشميرين جي قربانين ۽ جدوجهد کي وساري نٿو سگهجي، ڪشميري عوام کي سلام پيش ڪريو ٿا. هنن چيو ته ڪشمير م انساني حقن جي خلاف ورزي ٿي رهي آهي انساني حقن جون عالمي تنظيمون نوٽيس وٺن. هنن وڌيڪ چيو ته پاڪستاني عوام جو ڪشميرين سان ڪڏهن به نه ٽٽڻ وارو رشتو آهي، پي پي پي اڳواڻن چيو ته ڪشمير جو ڪيس شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ۽ شهيد بينظير ڀٽو دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ م وڃي وڙهيو پندرهن کان وڌيڪ اقوام متحده ۾ قراردادون پيش ڪيون هيون. هنن چيو ته پيپلزپارٽي ھميشھ ڪشميري عوام جي آزاديءَ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪيو آهي ۽ اڳتي به ڪندا. هنن چيو ته اسان نه ٿا چئون ته ڪشمير کي پاڪستان سان ملايو يا ڀارت کان الڳ ڪيو، پر ڪشميرين لاءِ اسان چئون ٿا ته انهن کي حق ڏنو وڃي ته هون ڪنهن سان رهڻ پسند ڪن ٿا، اقوام متحده جي فيصلي تي عمل لاءِ ڪشميري جدوجهد ڪري رهيا آهن، پ پ اڳواڻن چيو ته اسانجي قيادت به اهو ثابت ڪيو آهي ته جتي موقعو ملي ٿو اتي ڪشمير جي حقن جي ڳالهھ ڪن ٿا، شهيد ذوالفقار علي ڀٽو چيو ته جيڪڏهن آئون ننڊ ۾ به هجان ته ڪشمير معاملي تي ڪا غلطي نه ڪندس. هنن چيو ته آزادي جي جدوجهد لاءِ هزارين نوجوان شهيد ٿي ويا آهن، نياڻيون شهيد ٿي ويون آهن، هنن وڌيڪ چيو ته ڪشميرين کي يقين ڏياريو ٿا ته جيستائين انهن کي انهن جو حق نه ٿو ملي پاڪستاني ڪشميرين سان گڏ آهي، ٻي طرف ڪشمير سان يڪجهتي لاءِ ڪراچي آرٽس ڪائونسل کان مرڪزي مسلم ليگ جي ريلي ڪراچي پريس ڪلب پهتي ، ڪراچي پريس ڪلب آڏو يڪجهتي ڪشمير ريلي کي خطاب ڪندي اڳواڻن جو چوڻ هو ته ڪشمير جي آزادي تيائين جدوجهد جاري رهندي.