آمريڪا پاران غزا تي ڊگهي مدي تائين قبضي جو اعلان

واشنگٽن ( م ڊ ) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ اسرائيل هٿان تباهه ڪيل پٽي غزا تي قبضو ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. وائٽ هائوس ۾ اسرائيل جي وزيراعظم نيتن ياهو سان پريس ڪانفرنس ڪندي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو ته آمريڪا غزه جي پٽي تي قبضو ڪندو ۽ اسان انهي جا مالڪ هونداسين. ڊونلڊ ٽرمپ چيو ته غزه تي قبضو  ڪري اسان انهي کي مستحڪم ڪنداسين ۽ اتي نوڪرين جا موقعا پيدا ڪنداسين. هن چيو ته غزا  جي ملڪيت کي ڊگهي وقت کان ڏسي رهيو آهيان اسان غزه تي قبضو ڪري انهي کي ترقي يافته بنائينداسين جنهن سان علائقي جي ماڻهن کي نوڪريون ملڻ سان گڏ ٻين شهرين کي به ترسائڻ جو موقعو ملندو.آمريڪي صدر وڌيڪ چيو ته فلسطينين کي اردن ۽ مصر ۾ ترسايو ويندو، هاڻ ڏسڻو آهي ته اردن ۽ مصر جي   اڳواڻن جو رد عمل ڪهڙو اچي ٿو. هن دعويٰ ڪئي ته خطي جي ٻين اڳواڻن کي انهي منصوبي بابت ٻڌايو جنهن کي انهن پسند ڪيو آهي. هن چيو ته فلسطينين وٽ غزه ڇڏڻ کان سواءِ ٻيو ڪوبه حل نه آهي، اسان چاهيون ٿا ته پاڙيسري ملڪ اردن ۽ مصر بي گهر فلسطينين کي پنهنجي پناهه ۾ وٺي ڇڏي.وائٽ هائوس ۾ صحافين سان ڳالهين کان اڳ هن گڏيل قومن جي انساني حقن واري ڪونسل سان آمريڪي شموليت کي روڪڻ ۽ گڏيل قومن جي فلسطيني امدادي اداري يو اين آر ڊبليو اي جي فنڊنگ روڪڻ جي لاءِ هڪ دستاويز تي به صحيحون ڪيون. هن چيو ته هڪ صدارتي يادداشت تي صحيحون ڪيون جنهن ۾ ايران جي خلاف هڪ سخت پاليسي کي ٻيهر لاڳو ڪيو ويو جنهن جو مقصد ملڪ کي ايٽمي هٿيار حاصل ڪرڻ کان روڪڻ ۽ تيل جي برآمدات کي محدود ڪرڻ آهي. وائٽ هائوس ۾ خطاب ڪندي ٽرمپ چيو ته ايران وٽ ايٽمي هٿيار نٿا ٿي سگهن، جيڪڏهن ايران وٽ ايٽمي هٿيار هئا ته اها سندس بدقسمتي هوندي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.