مختلف ملڪن پاران ٽرمپ جي بيان جي مذمت

واشنگٽن ( م ڊ) مصر ۽ فلسطيني اٿارٽي کانسواءِ عالمي برادري ڊونلڊ ٽرمپ جي ان بيان کي رد ڪري ڇڏيو آهي جنهن ۾ هن چيو هو ته  آمريڪا غزا تي قبضو ڪري ان کي ٻيهر تعمير ڪري سگهي ٿو.برطانيا سميت ڪيترن ئي ملڪن جي اڳواڻن پاران ٻه رياستي حل تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي آهي. برطانوي وزيراعظم ڪيئر اسٽارمر، برطانوي ايوان نمائندگان ۾ ڳالهائيندي ان ڳالهه تي زور ڏنو آهي ته برطانيا ٻه رياستي حل جي حمايت ڪري ٿو ۽ غزا ۾ موجوده جنگ بندي کي برقرار رکڻ تي زور ڏنو آهي.فرانس جي پرڏيهي معاملن واري وزارت پاران جاري ڪيل بيان ۾ ”غزا مان فلسطيني آبادي جي جبري منتقلي“ واري تجويز کي رد ڪيو ويو آهي ۽ چيو ويو آهي ته پٽي تي ڪنهن ٽين ڌر جو ڪنٽرول نه هجڻ گهرجي، فرانس جو اهو به چوڻ آهي ته ٻه رياستي حل ئي ان مسئلي جو ”واحد ڊگهي مدي“ جو حل آهي.روس ۾ ڪريملن جي ترجمان دمتري پيسڪوف جو چوڻ آهي ته وچ اوڀر ۾ ڪو به حل تڏهن ممڪن آهي جڏهن ٻه رياستي حل تي عمل ڪيو وڃي.جيئن ته اسان اڳ ۾ ئي ٻڌائي چڪا آهيون ته سعودي عرب پاران فلسطينين کي زبردستي سندن سرزمين تان هٽائڻ جي تجويز رد ڪئي وئي آهي.چين ۽ آسٽريليا جي وزير اعظم انٿوني البينيز پڻ ٻه رياستي حل جي حمايت ڪئي آهي.جرمني غزا تي قبضي بابت آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي بيان تي رد عمل ظاهر ڪندي چيو آهي ته ويسٽ بئنڪ ۽ اوڀر يروشلم وانگر غزا به فلسطينين جو آهي.ان حوالي سان جرمن پرڏيهي وزير انالينا بربوڪ جو چوڻ آهي ته غزا مان فلسطينين جي بي دخلي ناقابل قبول ۽ عالمي قانون جي ڀڃڪڙي آهي،جرمن پرڏيهي وزير وڌيڪ چيو ته غزا مان فلسطينين جي بي دخلي وڌيڪ اذيت ۽ نفرت جو سبب بڻجندي. ترڪي جي پرڏيهي وزير جو چوڻ آهي ته فلسطين کي ڪنهن به منصوبي کان پري رکڻ سان تڪرار پيدا ٿي سگهي ٿو.غزا تي آمريڪي قبضي بابت آمريڪي صدر جي بيان تي رد عمل ڏيندي افغانستان جي طالبان حڪومت چيو آهي ته غزا فلسطين جو اٽوٽ حصو آهي.طالبان جي حڪومت موجب ڪنهن کي به اهو اختيار ناهي ته هو فلسطينين جي قسمت جو فيصلو ڪري.طالبان حڪومت جو چوڻ آهي ته آمريڪي صدر جا تازا بيان فلسطينين کي جبري بي دخل ڪرڻ ۽ انهن جي ٻين ملڪن ڏانهن منتقلي عالمي قانونن جي واضح ڀڃڪڙي آهي، يو اي اي به ڊونلڊ ٽرمپ جي اهڙي منصوبي کي رد ڪري ڇڏيو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.