تنگواڻي ڀرسان پراڻي تڪرار تان هڪ ڄڻو قتل، هڪ زخمي

تنگواڻي ( ن ع آ ) تنگواڻي ڀرسان سنڌ بلوچستان جي سرحدي پٽي جاني ٻيڙي واري علائقي ۾ بگٽي برادري ۾ پراڻي تڪرار تان  جهيڙو  ٿي پيو، فائرنگ ۾ هڪ ڄڻو ظفر عرف ظفرالله هيجواڻي بگٽي قتل ٿي ويو،جڏهن ته هڪ ڄڻو زخمي ٿي پيو،  اطلاع تي پوليس پهچي مقتول جو لاش ۽ زخمي کي کڻائي اسپتال منتقل ڪيو، جتان مقتول جو لاش ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيو ويو، لاش گهر پهچڻ تي سندس گهر ۾ ڪهرام مچي ويو، ٻئي پاسي هڪ ڄڻي جي مارجڻ بعد ڌرين ۾ ڇڪتاڻ تيز ٿي وئي آهي، ٻئي ڌريون مورچابند ٿي ويون آهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.