چيني اي وي بس ٺاھيندڙ ڪمپني کي سنڌ ۾ سيڙپ ڪاري جي دعوت

ڪراچي(رپورٽر) سنڌ جي سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ بيجنگ ۾ چيني اي وي بس ٺاھيندڙ ڪمپني سان ملاقات ڪري سنڌ  ۾ سيڙپڪاري جي دعوت ڏني آھي، بيجنگ ۾، سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ باضابطا طور تي چيني ڪمپني کي ڪراچي ۾ اي وي بس ٺاھڻ لاءِ پلانٽ لڳائڻ جي دعوت ڏني،ملاقات ۾ توانائي، منصوبابندي، ۽ ترقي وارو صوبائي وزير، سيد ناصر حسين شاهه پڻ موجود هو ۽ هن سنڌ سرڪار طرفان گرين انرجي ۽ اليڪٽرڪ موبلٽي کي هٿي ڏيڻ لاءِ هر ممڪن سهڪار جي خاطري ڪرائي،شرجيل انعام ميمڻ چيو ته سنڌ حڪومت سيڙپڪارن کي ٽئڪس ۾ رعايت، زمين جي فراهمي ۽ ريگوليٽري منظوريءَ جي عمل کي آسان بڻائڻ سميت هر ممڪن سهولت مهيا ڪندي،ڪراچي ۾ اي وي بس پلانٽ جي قيام سان روزگار جا موقعا پيدا ٿيندا ۽ هڪ صاف سٿرو ۽ مؤثر ٽرانسپورٽ نظام جلد عمل ۾ اچي ويندو،چيني ڪمپني جي نمائندن، سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ جي دعوت جي آجيان ڪئي ۽ ڪراچي ۾ سيڙپڪاري جي موقعن ۾ دلچسپي ظاهر ڪئي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.