20 هزار درهم پگهار، گڏيل عرب رياستن پاڪستانين لاءِ وڏو اعلان ڪري ڇڏيو

ابو ظهبي (ويب ڊيسڪ) گڏيل عرب رياستن ۾ پاڪستان جي سفير فيصل نياز ترمذي چيو آهي ته يو اي اي ۾ پاڪستاني غير هنرمند مزدورن لاءِ ملازمت جا موقعا ختم ٿيڻ وارا آهن، ڇو ته ملڪ هاڻ تيزي سان اعليٰ هنرمند افرادي قوت ڏانهن وڌي رهيو آهي.
صحافين کي انٽرويو ڏيندي فيصل نياز ترمذي چيو ته اسان کي اڪائونٽنٽس، آءِ ٽي ماهرن، بينڪرز، اي آءِ ماهرن، ڊاڪٽرن، نرسن ۽ پائلٽس کي تربيت ڏيڻي پوندي ته جيئن اهي يو اي اي جي وڌندڙ طلب کي پورو ڪري سگهن.
هن ٻڌايو ته گڏيل عرب رياستن ۾ هنرمند افرادي قوت جي ڊمانڊ ۾ تيزي سان واڌ ٿي رهي آهي ۽ جيڪڏهن پاڪستان پنهنجي ورڪ فورس کي جديد مهارتون ڏئي ٿو ته اهو هڪ بهترين موقعو ثابت ٿي سگهي ٿو.
سندس چوڻ هو جيڪڏهن پاڪستاني ماڻهو اعليٰ مهارت وارن شعبن ۾ تربيت حاصل ڪندا ته اهي 20 هزار درهم يا ان کان وڌيڪ پگهار به حاصل ڪري سگهن ٿا، جيڪا غير هنرمند مزدورن جي هڪ هزار درهم جي ڀيٽ ۾ تمام گهڻي آهي.
پاڪستاني سفير چيو ته پاڪستان ۽ گڏيل عرب رياستن ۾ هاڻ سيڙپڪاري ۽ اقتصادي ترقي تي به زور ڏنو پيو وڃي، يو اي اي پنهنجي اقتصادي طاقت ۽ اسٽريٽجڪ پوزيشن سبب پاڪستان لاءِ هڪ اهم ڀائيوار آهي ۽ ان ڀائيواري کي وڌائڻ چاهيون ٿا، اسان اهڙي ڀائيواري جي ڳالهه ڪري رهيا آهيون، جيڪا نسلن تائين هلي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.