پاڪستاني رانديگر آءِ پي ايل کيڏيندا؟ ڀارتي بورڊ وڏو بيان ڏئي ڇڏيو

ممبئي (ويب ڊيسڪ) 2008ع ۾ انڊين پريميئر ليگ (آءِ پي ايل) جي افتتاحي ايڊيشن کانسواءِ ڪو به پاڪستاني ڪرڪيٽر هن ٽورنامينٽ جو حصو ناهي بڻجي سگهيو، جڏهن به ڀارت ۽ پاڪستان جي ڪرڪيٽ تي بحث ٿيندو آهي ته ان معاملي تي پڻ آواز اُٿاريو ويندو آهي.
تازو ئي هڪ انٽرويوءَ دوران ڀارتي ڪرڪيٽ بورڊ (بي سي سي آءِ) جي نائب صدر راجيو شُڪلا کان پاڪستاني رانديگرن جي آءِ پي ايل ۾ شموليت بابت سوال ڪيو ويو.
ان بابت ڳالهائيندي هن وضاحت ڪئي ته بي سي سي آءِ پاڪستاني ڪامينٽيٽرز ۽ امپائرز کي آءِ پي ايل ۾ شامل رکيو آهي، پر رانديگرن جي شموليت جو فيصلو مڪمل طور تي فرنچائزز جي اختيار ۾ آهي.
راجيو شڪلا وڌيڪ وضاحت ڪندي چيو ته بي سي سي آءِ پاڪستاني رانديگرن کي نيلامي جو حصو ناهي بڻائيندي، جڏهن ته ٽيمون به انهن ۾ ڪا خاص دلچسپي نٿيون وٺن.
جڏهن کانئس پڇيو ويو ته ڇا ڪنهن فرنچائز پاڪستاني رانديگرن کي آءِ پي ايل ۾ شامل ڪرڻ ۾ دلچسپي ڏيکاري آهي؟ ته هن جواب ڏنو ته ڪجهه فرنچائزز اهڙي خواهش جو اظهار ضرور ڪن ٿيون، پر موجوده حالتن سبب معاملا مونجهاري جو شڪار آهن.
ياد رهي ته 2009ع کان پاڪستاني رانديگرن تي آءِ پي ايل کيڏڻ تي پابندي آهي، ان باوجود ڪجهه اڳوڻا پاڪستاني ڪرڪيٽر هن ليگ جو حصو رهيا آهن.
وسيم اڪرم 2010 کان 2016 تائين ڪولڪتا نائيٽ رائيڊرز جو بالنگ ڪوچ رهيو، جڏهن ته رميز راجا 2014 تائين ڪامينٽيٽر طور ذميواريون نڀائيندو رهيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.