ڀارت جي تيلگو فلم انڊسٽري سان تعلق رکندڙ اداڪار راج ترن ۽ سندس اڳوڻي محبوبه ۽ ماڊل لوانيا جي ڪيس ۾ اهم اڳڀرائي سامهون آئي آهي.
گذريل سال راج ترن ۽ لوانيا جي وچ ۾ تڪرار سامهون آيو هو، جنهن دوران ماڊل ڇوڪريءَ اڳوڻي دوست تي دوکيبازي ۽ ٻين الزامن جا ڪيس داخل ڪرايا هئا، جنهن تي پوليس کيس جاچ لاءِ طلب ڪيو هو.
ھاڻي ان ئي ڪيس ۾ اهم اڳڀرائي ٿي آھي، جتي اداڪارا طرفان پيش ڪيل ثبوتن جي بنياد تي پوليس هڪ يوٽيوبر کي گرفتار ڪري ورتو آھي.
اداڪارا پوليس کي پنهنجي بيان ۾ ٻڌايو ته گرفتار ڪيل يوٽيوبر ڇوڪرين جون ڳجهيون ۽ اڻ وڻندڙ وڊيوز رڪارڊ ڪري کين بليڪ ميل ڪندو هو، جنهن جي بنياد تي پوليس ڪارروائي ڪئي.
ميڊيا رپورٽن موجب، حيدرآباد پوليس يوٽيوبر مستان سائي کي گرفتار ڪيو، جنهن وٽان 300 کان وڌيڪ ڇوڪرين جون ذاتي ۽ ڳجهيون وڊيوز هٿ آيون.
رپورٽن ۾ انڪشاف ڪيو ويو آھي ته جوابدار ڇوڪرين سان محبت ۽ شاديءَ جا واعدا ڪري سندن ڳجهيون وڊيوز ٺاهيندو هو، جڏهن ته ماضي ۾ هو منشيات جي ڪيس ۾ به گرفتار ٿي چڪو آهي.
ڀارتي پوليس متاثر ٿيندڙ ڇوڪرين کي سامهون اچڻ ۽ قانوني ڪارروائي لاءِ شڪايت داخل ڪرائڻ جي اپيل ڪئي آهي.
You might also like