ٻه ٽي ٻوليون ڳالهيندڙن لاءِ وڏو فائدو!

ڪيترائي ماڻهو هڪ کان گهڻيون ٻوليون ڳالهائيندا آهن. ان جا سبب ڪيترائي ٿي سگهن ٿا پر اسان اڄ هڪ کان وڌيڪ ٻوليون ڳالهائيندڙن جي باري ۾ ٻڌائينداسين.

جيڪڏهن توهان به گهڻيون يا هڪ کان وڌيڪ ٻوليون ڳالهائيندا آهيو ته ان سان توهان جي دماغ کي گهڻو فائدو ملندو آهي.

اها ڳالهه آمريڪا ۾ ٿيندڙ هڪ طبي تحقيق ۾ سامهون آئي آهي.

ميامي يونيورسٽي ۾ ٿيندڙ تحقيق ۾ ٻڌايو ويو آهي ته جن گهرن ۾هڪ کان وڌيڪ ٻوليون ڳالهايون يا ٻارن کي سيکاريون وينديون آهن ته انهن ٻارن جي دماغي صحت تمام سُٺي هوندي آهي.

تحقيق ۾ 112 ٻارن کي شامل ڪيو ويو هو جن جون عمريون ست کان ٻارهن سال جي وچ ۾ هيون.

ٻارن مان ڪجهه ٻار آٽزم جي عارضي ۾ مبتلا هئا.

تحقيق ۾ جائزو ورتو ويو ته هڪ کان وڌيڪ ٻوليون سان واقفيت سان ٻارن جي دماغي ڪم ڪار تي ڪهڙو ۽ ڪيترو اثر پوندو آهي.

نتيجن مان خبر پئي ته ٻه يا انکان وڌيڪ ٻوليون ڳالهائيندڙ ٻارن جي دماغي صحت وڌيڪ بهتر ٿيندي آهي ۽ انهن جو دماغ تيز ڪم ڪندو آهي.

تحقيق موجب اهڙي ٻارن کي پنهنجو پاڻ تي گهڻو ڪنٽرول هوندو آهي ۽ گهڻي سولائيءَ سان هڪ کان ٻئي ڪم ڏانهن ڌيان ڏئي سگهندا آهن.

ماهرن چيو ته اسان دريافت ڪيو آهي ته گهڻيون ٻوليون ڳالهائڻ هر ماڻهو جي دماغ لاءِ فائديمند هوندو آهي.

هنن ٻڌايو ته اهڙي ڳالهه جو اشارو اڳ ۾ ٿيندڙ تحقيقن ۾ به ملي چڪو آهي پر اسان جو سڄو ڌيان ننڍي ٻارن تي هيو.

تحقيق جا نتيجا تمام اهم آهن،  ڇو ته آٽزم جو شڪار ٻارن جي لاءِ پاڻ تي ڪنٽرول ڪرڻ يا هڪ کان ٻئي ڪم ڏانهن وڃڻ ۾ ڏکيائي ٿيندي آهي.

ماهرن چيو ته گهڻيون ٻوليون ڳالهائڻ سان دماغ طاقتور ٿيندو آهي ۽ اهو عمل ڪنهن تائين محدود ناهي هوندو گهڻيون ٻوليون ڳالهائڻ وارو عمل هر ماڻهوءَ لاءِ فائديمند هوندو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.