لاهور (ويب ڊيسڪ) 8 فيبروري کان شروع ٿيندڙ ٽه ملڪي ون ڊي سيريز کانپوءِ پاڪستان جا اسٽيڊيمز چيمپيئنز ٽرافي جي ميزباني لاءِ انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل ( آءِ سي سي ) جي حوالي ڪيا ويندا.
قذافي اسٽيڊيم ۾ 8 ۽ 10 فيبروري تي ٽه ملڪي سيريز جون ميچون شيڊيول آهن.
ذريعن موجب، نئون اَپ گريڊ قذافي اسٽيڊيم 11 فيبروري تي آءِ سي سي جي حوالي ڪيو ويندو، نيشنل اسٽيڊيم ڪراچي ۾ 12 ۽ 14 فيبروري تي ميچون رٿيل آهن، آءِ سي سي 15 فيبروري تي نيشنل اسٽيڊيم جا انتظام سنڀاليندي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته اسٽيڊيمز جي چارج سنڀالڻ کانپوءِ آءِ سي سي اسٽيڊيم ۾ پنهنجا معاملا ختم ڪندي، جڏهن ته آءِ سي سي کي پي سي بي وڌيڪ وقت ڏيڻ جي درخواست ڪئي نه ئي آءِ سي سي مهلت ڏني.
ذريعن موجب، اسٽيڊيمز بابت سمورا معاملا طئي ٿيل شيڊيول موجب آهن، آءِ سي سي اسٽيڊيمز جي حوالي سان ڪو به اعتراض ناهي واريو، آءِ سي سي ايونٽ کان اڳ ميزبان ملڪ جون ميچون وينيوز تي ٿيڻ معمول جي ڳالهه آهي.
You might also like