پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان ۽ تجربيڪار بيٽر بابر اعظم سان شوبز انڊسٽريءَ سان واڳيل مشهور اداڪارا ۽ ماڊل دعا زهرا سرعام محبت جو اظهار ڪري ڇڏيو.
سوشل ميڊيا تي دعا زهرا جي هڪ وڊيو وائرل ٿي رهي آهي جنهن ۾ هوءَ بابر اعظم سان پنهنجي محبت جو اظهار ڪري رهي آهي.
وائرل وڊيو ۾ اداڪارا اعتراف ڪيو ته هوءَ بابر اعظم جي ديواني آهي ۽ ساڻس بي انتها پيار ڪري ٿي.
هن چيو ته پاڪستاني ٽيم ۾ بابر اعظم پسند آهي ۽ مٿس ٿيندڙ تنقيد تي ڏاڍي ڪاوڙ ايندي آهي.
دعا زهرا بابر اعظم تي تنقيد ڪندڙن کي جواب ڏيندي چيو ته ٻين ڪرڪيٽرن ۾ دلچسپي ناهي، اڳوڻي ڪپتان جي تذليل ڪرڻ کان پاسو ڪيو وڃي.
You might also like