آءِ سي سي چيمپيئنز ٽرافي 2025 جو مڪمل شيڊيول ڏسو

آءِ سي سي چيمپيئنز ٽرافي 2025 جو شيڊيول
ٽورنامنيٽ جي افتتاحي ميچ 19 فيبروري تي ميزبان پاڪستان ۽ نيوزيلينڊ وچ ۾ ڪراچي جي نيشنل ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ کيڏي ويندي.
بنگلاديش ۽ ڀارت جون ٽيمون 20 فيبروري تي دبئي ۾ آمهون سامهون ٿينديون، 21 فيبروري تي افغانستان ڏکڻ آفريڪا سان ڪراچيءَ ۾ مهاڏو اٽڪائيندو.
ٽورنامينٽ ۾ روايتي مخالف آسٽريليا ۽ انگلينڊ جو مقابلو 22 فيبروري تي لاهور جي قذافي اسٽيڊيم ۾ ٿيندو.
ميگا ايونٽ جو سڀ کان وڏو دنگل يعني پاڪ – ڀارت ٽاڪرو 23 فيبروري تي دبئي ۾ ٿيندو، 24 فيبروري تي راولپنڊي ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ بنگلاديش جو نيوزيلينڊ سان مقابلو ٿيندو.
آسٽريليا ڏکڻ آفريڪا خلاف 25 فيبروري تي ميدان ۾ لهندو، 26 فيبروري تي افغانستان ۽ انگلينڊ جي ميچ شيڊيول آهي.
پاڪستان ۽ بنگلاديش جون ٽيمون 27 فيبروري تي آمهون سامهون هونديون، 28 فيبروري تي افغانستان جو آسٽريليا سان مقابلو ٿيندو.
ڏکڻ آفريڪا ۽ انگلينڊ جو دنگل پهرين مارچ تي رٿيل آهي، جڏهن ته نيوزيلينڊ ۽ ڀارت 2 مارچ تي دوبدو ٿيندا.
جيڪڏهن ڀارت سيمي فائنل لاءِ ڪواليفاءِ ڪيو ته 4 مارچ تي ٽورنامينٽ جو پهريون سيمي فائنل دبئي ۾ کيڏيو ويندو، جڏهن ته ٻيو سيمي فائنل 5 مارچ تي لاهور جي قذافي اسٽيڊيم ۾ ٿيندو.
ڀارت جي فائنل ۾ پهچڻ جي صورت ۾ چيمپيئنز ٽرافي جو فائنل به دبئي ۾ ئي ٿيندو پر جيڪڏهن ڀارت فائنل لاءِ ڪواليفاءِ نه ڪري سگهيو ته 9 مارچ تي قذافي اسٽيڊيم۾ ٽورنامينٽ جون ٻه بهترين ٽيمون ٽرافي لاءِ آخري ويڙهه وڙهنديون.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.