لاهور (ويب ڊيسڪ) ٽه ملڪي سيريز ۾ شرڪت لاءِ نيوزيلينڊ ڪرڪيٽ ٽيم پاڪستان پهچي وئي.
نيوزيلينڊ جي ٽيم لاهور علامه اقبال انٽرنيشنل ايئرپورٽ تي پهتي جتي پي سي بي اختيارين سندن آڌرڀاءُ ڪيو، مهمان ٽيم اڄ مڪمل آرام ڪندي.
ڪيوي ٽيم سڀاڻي کان پريڪٽس شروع ڪندي، ٽه ملڪي سيريز جي پهرين ميچ پاڪستان ۽ نيوزيلينڊ وچ ۾ اٺ فيبروري تي لاهور جي قذافي اسٽيڊيم ۾ کيڏي ويندي.
You might also like