چيمپيئنز ٽرافي کان اڳ آسٽريلوي مداحن لاءِ بُري خبر

ڪينبرا (ويب ڊيسڪ) آسٽريليا ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان پيٽ ڪمنز جو آءِ سي سي چيمپيئنز ٽرافي مان ٻاهر ٿيڻ جو امڪان وڌي ويو.
پيٽ ڪمنز گوڏي جي انجري جو شڪار آهن ۽ هن اڃا تائين بالنگ شروع ناهي ڪئي، سندس غير موجودگيءَ ۾ سريلنڪا خلاف جاري ٽيسٽ سيريز ۾ اسٽيو سمٿ ڪپتاني ڪري رهيو آهي.
آسٽريليا جي هيڊ ڪوچ اينڊريو ميڪڊونلڊ خدشن جو اظهار ڪيو ۽ ڪپتاني لاءِ ٽريوس هيڊ ۽ اسٽيو سمٿ سان ڳالهين جي تصديق ڪئي آهي.
اينڊريو ميڪڊونلڊ جو چوڻ آهي ته پيٽ ڪمنز اڃا تائين بالنگ شروع ناهي ڪئي، انجري سبب سندس چيمپيئنز ٽرافي مان ٻاهر ٿيڻ جو چٽو امڪان آهي.
هن چيو ته پيٽ ڪمنز جي غير موجودگي ۾ اسان کي نئين ڪپتان جي ضرورت هوندي، اسٽيو سمٿ ۽ ٽريوس هيڊ سان ڪپتاني بابت ڳالهين جو سلسلو جاري آهي.
آسٽريليا جي هيڊ ڪوچ جو چوڻ آهي ته ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ ميڊيڪل رپورٽس اچڻ کانپوءِ صورتحال واضح ٿي ويندي.
آسٽريليا جو ون ڊي اسڪواڊ خميس تي سريلنڪا جي دوري لاءِ روانو ٿيندو، پيٽ ڪمنز اسڪواڊ سان سريلنڪا ناهي وڃي رهيو.
ياد رهي ته آل رائونڊر مچل مارش فٽنيس مسئلن سبب اڳ ۾ ئي چيمپيئنز ٽرافي کان ٻاهر ٿي چڪو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.