مڪاني کاتي پاران سوا پنج ارب رپيا خرچ ڪرڻ باوجود تبديلي نه آئي

ڪراچي(رپورٽ:خداڏنوشاھ) سنڌ جو مڪاني ادارن وارو کاتو سيڪريٽريٽ سائيڊ ۽ ترقياتي بجيٽ جي مد ۾ 5 ارب 26 ڪروڙ خرچڻ باوجود پرڳڻي ۾ ڪا تبديلي نه آڻي سگهيو آهي، جڏهن ته سيڪريٽريٽ سائيڊ جي بجيٽ مان رڳو پيٽرول جي مد ۾ هڪ ڪروڙ  رپيا خرچ ڏيکاريا ويا آهن.. روزاني عوامي آواز کي مليل دستاويزي ثُبوتن موجب سنڌ جي مڪاني ادارن واري کاتي صوبي جي شهرن کي ترقي وٺرائڻ جي نالي  رقم هڙپ ڪرڻ ۾  دلچسپي ڏيکاري آهي مليل انگن اکرن موجب صوبي ۾ سالياني ترقياتي پروگرام لاءِ کاتي کي 4 ارب 19 ڪروڙ 44 لک روپيا جاري ڪيا ويا جنهن ۾ رڳو ٻن ٽماهين ۾ سڄي سنڌ ۾ 2 ارب 26 ڪروڙ 79 لکن جي رقم کپائي ويئي آهي پر شهر کنڊر بڻيل آهن. ٻئي پاسي سيڪريٽريٽ سائيڊ جي غيرترقياتي بجيٽ جي مد ۾ ناڻي کاتي 4 ارب 9 ڪروڙ 73  لک روپيا جاري ڪيا جنهن مان رڳو هڪ ئي ڊي ڊي او جي صحيح سان مختلف هيڊز مان 3 ارب روپيا ڪڍي ڳڙڪايا ويا آهن, ٽو ادرس واري هيڊ A05270 مان 2 ارب 64 ڪروڙ68 لکن جي ڳري رقم کي 180 ڏينهن ۾ ٻڙڪو ڏنو ويو آهي,هڪ ٻي ادرس واري هيڊ A03970 مان 1 ڪروڙ 40 لک 32 هزارن تي هٿ صاف ڪيا ويا آهن, سرڪاري ملازمن جي فيمليز لاءِ 15 لک ڪڍيا ويا آهن,ٽرانسپورٽ واري هيڊ مان 13 لک 56 هزارن کي رڳڙو ڏنو ويو آهي مٿان وري مشينري جي خريداري جي نالي تي 10 لک 28 هزار روپيا هڪ  ئي ڌڪ سان خرچيا ويا آهن. فرنيچر جي خريداري جي نالي تي 4 لک 40 هزار روپيا کپايا ويا مٿان وري هڪ ٻي ادرس هيڊ A13370 مان 8 ڪروڙ 62 لک 98 هزارن جي رقم کي ڌڪ سان اڏايو ويو آهي پيٽرول جي مد ۾ ڇهن مهينن اندر غريب صوبي جي  پوري 1 ڪروڙ روپين کي ناس ڪيو ويو آهي,ايگزيڪيوٽو الائونس جي نالي تي جدا 37 لک 78 هزار کپايا ويا آهن ٻئي پاسي وري سپيريئر ايگزيڪيوٽو الائونس جي نالي تي الڳ سان 18 لک 67 هزارن جي رقم هضم ڪئي ويئي آهي,يوٽلٽي الائونس جي نالي تي 44 لک 37 هزار ڦوڪيا ويا آهن,ايڊهاڪ رليف واري هيڊ مان وري 16 لک 67 هزار چٽ ڪيا ويا آهن,ڊفرنس الائونس جي نالي تي 36 لک 24 هزارن کي پيالو ڪرايو ويو آهي,ايڊهاڪ رليف الائونس واري هڪ ٻي هيڊ مان وري 56 لک 53 هزارن کي رڳڙو ڏنو ويو آهي,ايڊهاڪ رليف الائونس جي ٽيئن هيڊ مان وري 43 لک 27 هزارن تي هٿ صاف ڪيا ويا آهن,ميڊيڪل چارجز جي نالي تي 27 لک 67 هزار چٽ ڪيا ويا آهن,5 لک 24 هزار جون رڳو ڇهن مهينن ۾ ٽيليفون ڪالون ڪيون ويون آهن,هڪ ٻي ادرس واري هيڊ A03370 مان 17 ڪروڙ 50 لک ڀينگ ڪيا ويا آهن,سفري الائونس جي نالي وري 4 لک کپايا ويا آهن,غريب صوبي جي پئسن مان 22 لک 44 هزارن جا رڳو اڇا پنا ۽ پوائنٽر خريد ڪيا ويا آهن. ڇپائي جي نالي تي وري 29 لک 93 هزارن جي رقم کي ٻُڙي ڏني ويئي آهي. سروس رينڊرڊ جي نالي تي اڍائي لک خرچيا ويا,ڪمپيوٽرن جي خريداري لاءِ  وري 3 لک کپايا ويا آهن. مجموعي بجيٽ مان سوا پنج ارب خرچ ڪرڻ جي باوجود سڄي صوبي جا شهر کنڊر بڻيل آهن جڏهن ته پرڳڻي جي شهرن جي ترقي رڳو ڪاغذن ۾ ئي ڏيکاري ويئي آهي

خرچ جا مختلف مد ڄاڻائي اربين رپيا ڪڍڻ معمول

ڪراچي:سيڪريٽريٽ سائيڊ جي بجيٽ جا ادرس نالي سان هيڊ اهڙا آهن جن مان اربين رپيا ڪڍيا وڃن ٿي پر انهن جا تفصيل موجود ناهن هوندا,مڪاني ادارن واري کاتي ادرس ۽ ٽو ادرس جي نالي سان مختلف هيڊز مان لڳ ڀڳ پوڻا ٽي ارب روپيا ڪڍي ڳڙڪايا آهن پر ان جا تفصيل موجود ناهن ته اها رقم ڪٿي ۽ ڪهڙين ترقياتي ڪمن تي خرچ ٿي,ذريعن موجب ادرس  يا ٽو ادرس هيڊ بلائينڊ هيڊ آهن جتان وڏي رقم ڪڍي وزير سيڪريٽري سميت مختلف سياسي رشوت جي ڪم آندي ويندي آهي پر ان جو تفصيلي رڪارڊ رڳو ڪاغذن ۾ ئي رکيو ويندو آهي

مڪاني کاتي روزانو 65 هزار  رپين جي پيٽرول خرچ ڏيکاريو

ڪراچي:مڪاني ادارن واري کاتي ٻن ٽماهين ۾ رڳو پيٽرول جي مد ۾ 1 ڪروڙ روپيا اڏائي ڇڏيا آهن,پيٽرول جي مد ۾ استعمال  ڪيل هڪ ڪروڙ روپين جو جيڪڏهن ڪاٿو لڳائبو ته کاتي روز جي بنياد تي 65 هزارن جو پيٽرول استعمال ڪيو آهي جڏهن ته ناڻي کاتي مڪاني ادارن جي پيٽرول جي سالياني بجيٽ 1 ڪروڙ 43 لک رکي آهي جنهن مان رڳو ڇهن مهينن ۾ پورو هڪ ڪروڙ چٽ ڪري ڇڏيو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.