گاريون کائڻ باوجود جبلن تي وڃڻ بدران جمهوري جدوجهد پيا ڪريون:هدايت الرحمان بلوچ

ڪوئيٽا(م ڊ)جماعت اسلامي بلوچستان جي امير ۽ ايم پي اي مولانا هدايت الرحمان بلوچ چيو آهي ته جيستائين ايف سي جو قبلو درست نه ڪندئو بلوچستان جو امن بحال نه ٿيندو،بلوچستان اسيمبلي جي اجلاس ۾ تقرير ڪندي هن چيو ته صوبي ۾ فورسياڪا ويڙهاڪ تنظيمون ماڻهو ماري مذمت جوڳا آهن،پر اهي قتل ڇو ٿي رهيا آهن،اها ڪنهن دشمن جي چال ناهي،ايف سي گهر اندر منهنجي ماءُ کي بي غيرت ڪوٺيو،اها معمولي ڳالهه ناهي،مان ان عمل جي مذمت ڪريان ٿو جنهن منهنجي ماءُ کي بي غيرت چيو ،هن چيو ته روزاني بنياد تي چيڪ پوسٽن تي ايف سي وارا اسان جي مائرن کي گاريون ڏين ٿا،بزرگن کي ڪڪڙ بڻائن ٿا،هن چيو ته بلوچستان وارن جوتا نه هڻو مون سان فورس هجي يا بلوچ ويڙهاڪ ٻئي نفرت ڪن ٿا،ڌمڪيون به ملن ٿيون،بلوچستان جي حالتن جا ذميوار رياستي ادارا آهن،اهي وڏا مجرم آهن،ماءُ کي گار ملڻ باوجود مان پوءِ جمهوري جدوجهد ڪري رهيو آهيان،پهاڙن تي نه ويس،آئين ۽ پاڪستان جي ڳالهه پيو ڪريان،هن چيو ته سي پيڪ خلاف سازش ايف سي ڪري رهي آهي،چيڪ پوسٽن کان علاوه بلوچستان کي ڇا مليو آهي؟ سي پيڪ بلوچستان ۾ ڪٿي آهي؟ رڳو چيڪ پوسٽون آهن،ماڻهن جي مائرن کي گاريون ڏيندا ته ردعمل ته ايندو

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.