اسلام آباد (منصور علي خان) فائر وال جو تجربو ناڪام ناهي ٿيو. اها پوري نموني ڪم ڪري رهي آهي. پيڪا ايڪٽ فائر وال کي قانوني تحفظ ڏيڻ لاءِ آهي. ان کان اڳ فائر وال کي ڪو قانوني تحفظ نه هو. هاڻي بنيادي طور تي فائر وال کي تحفظ ڏنو ويو آهي. جيڪڏهن ڪو ڳالهه نه مڃيندو ۽ وڊيو وغيره نه هٽائيندو پوءِ وٽن کيس بلاڪ ڪرڻ جو مڪمل اختيار هوندو. پيڪا ايڪٽ اظهار جي آزدي ۽ آزاد صحافت کي گهٽو ڏيڻ برابر ان لاءِ آهي جو هي اهڙو خطرناڪ ٽول آهي جنهن ۾ مونجهارا آهن. قانون موجب حڪومت جا مقرر ڪيل ماڻهو ئي فيصلو ڪندا ته ڪهڙي وڊيو رهندي ڪهڙي نه رهندي. ڪنهن ڪوڙي خبر ڏني آهي ڪنهن ڪوڙي ناهي ڏني. هونئن ته پوليس هوندي آهي ۽ پوءِ جج فيصلا ڪندا آهن پر هتي ته حڪومت ئي سڀ ڪجهه ڪندي. فيصلا به اها ئي ڪندي ۽ سزا به اها ئي طئي ڪندي. اختلاف ان ڳالهه تي آهي. اهو اختيار يا ته صحافين کي هجڻ گهرجي يا ججن کي هجڻ گهرجي. پي ٽي آءِ جا کوڙ اهڙا ماڻهو آهن جيڪي اجازت سان سخت ٻولي ڳالهائي رهيا آهن پر ڪجهه اهڙا آهن آهن جن کي اجازت ناهي هوندي پوءِ به اسٽيبلشمينٽ خلاف ڳالهائيندا آهن. علي امين گنڊاپور ۽ جنيد اڪبر ۾ اهو فرق آهي.
-
صدر آصف علي زرداري 4 ڏينهن جي سرڪاري دوري تي اڄ چين روانو ٿيندو
اسلام آباد(م ڊ) صدر آصف علي زرداري پنهنجي چيني هم منصب شي جن پنگ جي دعوت تي 4 ڏينهن جي سرڪاري دوري تي اڄ اڱاري ڏينهن چين روانو ٿي رهيو آهي، ان حوالي سان پرڏيهي وزارت تصديق ڪئي آهي ته صدر جو دورو 4 کان 8 فيبروري تائين جاري رهندو، جنهن ۾ صدر زرداري ، بيجنگ ۾ چيني هم منصب شي جن پنگ، چيني وزيراعظم لي ڪيوانگ ۽ ٻين اعليٰ اختيارين سان به ملاقاتون ڪندو، صدر گذريل سال نومبر ۾ پير ۾ فريڪچر سبب چين جي طئي ٿيل سرڪاري دوري ۾ شرڪت نه ڪري سگهيو هو، ڇاڪاڻ ته ڊاڪٽرن کيس 4 هفتا آرام ڪرڻ جو مشورو ڏنو هو.
-
ميان صاحب:بابو بروهي جي قتل ۾ ملوث ناهيون:شيخ ڀائرن جي صفائي
ميان صاحب (رپورٽ: مظفر ملڪ )شڪارپور ۾ 8 سال اڳ قتل ڪيل نوجوان بابو بروھي جي خون ۾ ملوث نه هئڻ جي صفائي ڏيڻ لاءِ شيخ ڀائر اڳوڻو صوبائي وزير مقبول شيخ ۽ ايم پي اي امتياز احمد شيخ جاڳڻ جي الطاف ڪوٽ ۾ پھتا، وڪيل شاھنواز بروھي جي پٽ شاھه زمان ۽ شيخ ڀائرن ۾ ھلندڙ تڪرار ۾ بابو بروھي جي قتل جي صفائي ڏيڻ لاءِ جاڳڻ ۾ اڳوڻي ايم اين اي غوث بخش مھر، سردار چنگيزخان ساسولي ، ميرغلام مصطفي خان رند ، ميرصوباخان رند ،سردار چنگيز خان پنھور ، صوبائي صلاحڪار بابل ڀيو، اڳوڻو ايم اين اي ڊاڪٽر محمد ابراھيم جتوئي، سردار جاڳڻ خان ڀيو سميت ٻين سردارن شرڪت ڪئي.اسان ھي جرڳو ڪرڻ ناھيون آيا اسان ٻئي ڀائر بابو خان بروھي جي خون ۾ ملوث ناھيون، ان جي صفائي ڏيڻ آيا آھيون، ايم پي اي امتياز احمد شيخ ، سردار مقبول شيخ بابو بروھي جي قتل ۾ چڻگي مقام جا شيخ عطو شيخ ۽ ڏاڏو شيخ ملوث آھن،جن سان اسان جو ڪو واسطو ناھي، ياد رھي ته قتل ڪيس اڳوڻي صوبائي وزير مقبول احمد شيخ جي پٽ ھاڻوڪي ميونسپل ڪميٽي شڪارپور جي چيئرمين فياض محمود شيخ سميت 16 جوابدارن مٿان داخل آھي، جڏھن ته ڪيس جو مک جوابدار ڏاڏو شيخ ھن وقت گرفتار آھي جڏھن ته 8 سالن کان وٺي ھي ڪيس عدالت ۾ ھلندڙ آھي .