آءِ ايم ايف جي شرط تي سنڌ ۾ به زرعي ٽئڪس لڳائڻ جو فيصلو

ڪراچي( رپورٽر) پنجاب ۽ خيبر پختونخواهه کانپوءِ سنڌ به زرعي آمدني تي ٽئڪس لاڳو ڪرڻ جون تياريون مڪمل ڪري ورتيون آهن. سنڌ زرعي انڪم ٽيڪس قانون جو مسودو صوبائي ڪابينا جي  منظوري کانپوءِ اڄ سنڌ اسيمبلي ۾ پيش ڪيو ويندو. سنڌ ۾ زرعي آمدني تي ٽيڪس لاڳو ڪرڻ بابت قانون جو نالو سنڌ زرعي انڪم ٽيڪس ايڪٽ 2025 هوندو.   دستاويز موجب 6 لکن تائين جي زرعي آمدني تي ٽيڪس لاڳو نه ٿيندو، جڏهن ته 6 لک کان 12 لک تائين جي آمدني تي 15 سيڪڙو ٽيڪس لاڳو ٿيندو. دستاويز موجب 12 لک کان 16 لک رپين کان وڌيڪ آمدني تي 90 هزار فڪس ٽيڪس جي تجويز ڏني وئي آهي، جڏهن ته 12 لک رپين کان وڌيڪ آمدني تي 20 سيڪڙو زرعي ٽيڪس جي تجويز ڏني وئي آهي. 16 لک کان 32 لک آمدني تي  هڪ لک  70 هزار فڪس ٽيڪس، جڏهن ته 12 لک کان مٿي آمدني تي 30 سيڪڙو زرعي ٽيڪس جي تجويز آهي.  اهڙي طرح 32 لک کان 56 لک رپين تائين آمدني تي 6 لک 50 هزار رپيا ٽيڪس، جڏهن ته 32 لک رپين کان مٿي آمدني تي 40 سيڪڙو زرعي ٽيڪس ادا ڪرڻو پوندو. مسودي موجب 56 لک رپين تائين جي آمدني تي 16 لک 10 هزار رپيا ٽيڪس ۽ 56 لک رپين کان وڌيڪ آمدني تي 45 سيڪڙو زرعي ٽيڪس ادا ڪرڻو پوندو. قانون ۾ سپر ٽيڪس به لاڳو ڪيو ويندو، 15 ڪروڙ تائين جي زرعي آمدني تي ڪو به سپر ٽيڪس نه هوندو پر 20 ڪروڙ کان وڌيڪ زرعي آمدني تي هڪ سيڪڙو سپر ٽيڪس ادا ڪرڻو پوندو. آمدني سان گڏ سپر ٽيڪس جي شرح به وڌي ويندي. 50 ڪروڙ رپين کان مٿي جي سالياني زرعي آمدني تي 10 سيڪڙو جو سپر ٽيڪس تجويز ڪيو ويو آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته سنڌ زرعي انڪم ٽيڪس قانون جو مسودو سنڌ ڪابينا جي منظوري کانپوءِ اڄ سنڌ اسيمبلي ۾ پيش ڪيو ويندو. سنڌ ۾ زرعي ٽيڪس لاڳو ڪرڻ بابت قانون جي حوالي سان پيپلز پارٽي قيادت جي هدايتن تي سنڌ اسيمبلي جي ميمبرن کي اعتماد ۾ ورتو ويو.  سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه زرعي ٽيڪس بابت قانون سازي بابت پارلياماني پارٽي کي آگاهه ڪيو. ان سلسلي ۾ گذريل رات وزيراعليٰ هائوس ۾ اجلاس ٿيو، جنهن ۾ شرڪت ڪندڙن کي ٻڌايو ويو ته زرعي ٽيڪس جو نفاذ آءِ ايم ايف جي شرطن تحت ضروري آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.