ڪراچي ۾ اياز لطيف پليجي جي اڳواڻي ۾ ڪئنالن خلاف ريلي

ڪراچي اوڀر/ملير(شفقت آزاد+جميل چانڊيو) ڪراچي ۾ قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجو جي اڳواڻي ۾ سنڌو درياھ تي ڌاڙي ۽ 6 ڪئنالن خلاف ماروئڙا ڳوٺ کان سچل لائبريري تائين ريلي نڪتي، ريلي ۾ سوين عورتن سميت ھزارين ماڻھو شريڪ ھئا، جلسي کي خطاب ڪندي اياز لطيف پليجي چيو ته پيپلزپارٽي مافيا سنڌ ۾ پنهنجي بادشاھت قائم رکڻ لاءِ سنڌ ۾ گھرو ويڙھ ڪرائڻ چاهي ٿي پيپلزپارٽي سنڌي ماڻهن جي نسل ڪشي ڪرڻ لاءِ سنڌو درياءَ مان 6 نوان ڪئنال ڪڍڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي.سنڌ ۾ جمھوريت جي نالي ۾ آمريت آھي. يونيورسٽين کي يرغمال بنايو ويو آھي. 6 ڪئنال ڪالاباغ ڊيم کان به  وڌيڪ خطرناڪ آھن،هن چيو ته  سنڌو درياھ تي حملي خلاف سنڌ جو عوام ڪڏهن به خاموش ٿي نه ويھندو ھڪ پيپلز پارٽي کي مينيج ڪري 7 ڪروڙ سنڌين کي خاموش نٿو ڪري سگھجي،هن چيو ته  گرين پاڪستان سنڌ کي بنجر بڻائي ڇڏيندو. پاڻي رڳو  زراعت ۽ آبادگارن جو مسئلو ناھي. ڪراچي سميت وڏن شھرن جا ماڻھو سنڌو درياھ لاءِ جدوجھد ڪن. اردو ڳالھائيندڙ سنڌ جو حصو ۽ اسان جا ڀائر آھن. سنڌ جا ماڻھو نفرت جي سياست کي رد ڪن ٿا،هن چيو ته حڪمران ٻڌائين ته سنڌ کي ڪھڙي ڏوھ جي سزا ڏني پئي وڃي، سنڌ جي تعليم، امن، گورننس، صحت، روينيو سميت سمورن ادارن کي ڪرپٽ ۽ کوکلو بنايو ويو آھي. سکر ۽ لاڙڪاڻي ڊويزن جي ضلعن کي ڌاڙيلن جي حوالي ڪيو ويو آھي ڪنھن به ڪرپٽ وزير ۽ بيوروڪريٽ کي گرفتار نٿو ڪيو وڃي، مظھر راھوجي خطاب ڪندي چيو  ته  سنڌو درياءَ مان 6 نوان ڪئنال ڪڍڻ سان سنڌ بنجر ٿيڻ سان گڏ ڏڪار جو شڪار ٿي ويندي سنڌياڻي تحريڪ جي مرڪزي صدر زينت سمون خطاب ڪندي چيو ته سنڌ جي اعتراضن باوجود سي ڊي ڊبليو پي تڪراري منصوبن جي منظوري ڪيئن ڏني آھي، سينيئر صحافي خدا ڏنو شاھ خطاب ڪندي چيو ته ڪوٽڙي ڊائون اسٽريم ۾ پاڻي نٿو ڇڏيو وڃي. بدين، ٺٽو، سجاول ۽ ڊيلٽا پاڻي کوٽ سبب مري رھيا آھن،اشفاق چنڙ چيو ته ملڪ جي ترقي جي نالي ۾ سنڌ کي ڀڙڀانگ نه ڪيو وڃي،فرحان لاڙڪ  چيو ته زرداري، وزيراعظم صاحب ٻڌو وڌيڪ ڪئنال ٺاھڻ نه ڏينداسين ناھيد جوڳي چيو ته سي سي آءِ ۾ ھڪ صوبي جي اڪثريت آھي،منان شيخ چيو ته سنڌ جي تباھي ملڪ دشمني آھي، ياسمين چانڊيو چيو ته  سنڌو درياھ سنڌ جي تاريخ، سڃاڻپ ۽ تھذيب آهي،هوڏانهن اياز لطيف پليجو، ملير ضلعي جي صدر فياض اوتيرو سان سندس ڀائٽي ڦر دوران فائرنگ ۾ مارجي ويل عارف اوتيرو جي تعزيت لاءِ گهگهر پهچي ويو، صحافين سان ڳالهائيندي هن چيو ته سنڌ ۾ قانون نالي ڪا به شئي نه آهي سرعام ڦرون، ڌاڙا، اغواڪارين جو سلسلو جاري آهي،هن چيو ته عارف اوتيري جي قتل ۾ ملوث جوابدارن کي گرفتار ڪيو وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.