حڪمران طبقا پنهنجين غلط پاليسين ۽ فيصلن سبب جڏهن عوام ۾ پنهنجي مقبوليت وڃائي ويهندا آهن تڏهن اهي پنهنجي حاڪميت کي برقرار رکڻ لاءِ نوان قانون ٺاهي انهن تي عملدرآمد ڪرائڻ لاءِ هر حد اورانگهڻ لاءِ تيار ٿي ويندا آهن، بلڪل اهڙي ئي صورتحال هن وقت پاڪستان ۾ پڻ نظر اچي ٿي، هونئن ته هن ملڪ ۾ هر دور ۾ سڌي توڙي اڻ سڌي طرح سينسرشپ رهي آهي پر هن وقت حڪمران طبقي جون نيتون بلڪل وائکيون ٿي چڪيون آهن. 26هين آئيني ترميم انهي جو چٽو ۽ دستاويزي ثبوت پڻ آهي، ان ترميم بعد ملڪ جي پارليامينٽ مان جيڪي قانون منظور ڪرايا پيا وڃن.
پيڪا ايڪٽ ۾ ترميم کي ”ڪورٽ پيڪنگ“ جو نالو ڏنو ويو آهي، ان سموري صورتحال ۾ ن ليگ ۽ پيپلزپارٽي باقاعده سسٽم جي سهولتڪاري وارو ڪردار ادا ڪري رهيا آهن، ان سلسلي ۾ صحافين جو چوڻ آهي ته هن ملڪ ۾ گهڻو ڪجهه آئين جي خلاف ٿيندو رهيو پر اهڙي صورتحال ڪڏهن به نه ڏٺي سين، 26هين ترميم بعد ججن جي مقررين واري باڊي جڊيشل ڪميشن آف پاڪستان جنهن جو بظاهر سربراھ ته ملڪ جو چيف جسٽس آهي پر 26هين ترميم بعد ان ۾ وڌيڪ عمل دخل وفاقي حڪومت جو آهي جنهن جي ووٽ سان من پسند ججن جي سليڪشن جو عمل ٿي رهيو آهي. جنهن جو تازو مثال سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ مقرر ٿيل 12 ايڊيشنل ججن ۽ اسلام آباد ۾ مقرر ٿيل ٻه جج آهن.
هن ملڪ جي تاريخ رهي آهي ته جيڪي به حڪمرانن اقتدار ۾ رهي سسٽم جي سهولتڪار ۽ منشا موجب غلط فيصلا ۽ قانونسازي ڪئي آهي جڏهن اهي حڪمران اقتدار کان اڳ ڪيا وڃن ٿا ته انهن جا ئي ٺاهيل قانون ۽ غلط فيصلا انهن جي خلاف استعمال ۾ آندا وڃن ٿا.
صورتحال اها آهي ته جڊيشل ڪميشن آف پاڪستان طرفان سپريم ڪورٽ ۾ وڌيڪ ججن جي مقرري لاءِ 10 فيبروري تي ڪميشن جو اجلاس گهرايو ويو آهي جيڪو پهرين ته 11 فيبروري تي ٿيڻو هو پر بعد ۾ 10 فيبروري جي تاريخ رکي وئي آهي ان اجلاس ۾ ملڪ جي هاءِ ڪورٽس مان 5-5 سينئر ججن جا نالا طلب ڪيا ويا آهن جنهن مان ججن جي چونڊ ڪري کين سپريم ڪورٽ ۾ مقرر ڪيو ويندو. هاڻ معاملو هي آهي ته موجوده چيف جسٽس اسلام آباد هاءِ ڪورٽ عامر فاروق جي سپريم ڪورٽ ۾ وڃڻ بعد اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ چيف جسٽس جي سيٽ خالي پئي ٿئي جنهن بعد اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي موجوده سينئر ججن مان هڪ کي چيف جسٽس ٿيڻو آهي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي موجوده سينيئارٽي لسٽ موجب جسٽس محسن اختر ڪياني سينئر ترين ججم ۾ آهي ان کان سواءِ جسٽس ميان گل حسن اورنگزيب، جسٽس طارق محمود جهانگيري، جسٽس جسٽس سردار اعجاز اسحاق خان ۽ جسٽس بابر ستار سينيئارٽي لسٽ ۾ آهن.
موجوده حڪومت ۽ سسٽم کي انهن ججن مان چيف جسٽس اچڻ پسند ناهي تنهنڪري حڪومت طرفان ملڪ جي ٽن مختلف هاءِ ڪورٽس لاهور هاءِ ڪورٽ مان جسٽس سرفراز ڊوگر، سنڌ هاءِ ڪورٽ مان جسٽس خادم حسين سومرو ۽ بلوچستان هاءِ ڪورٽ مان به هڪ تازو ئي مقرر ٿيل ايڊيشنل جج کي صدر زرداري جي صحيح سان اسلام آباد هاءِ ڪورٽ بدلي ڪري آندو ويو آهي جنهن جو قانون پراسيس مڪمل ڪيو ويو آهي ۽ قانون واري وزارت طرفان ان جو گزٽ نوٽيفڪيشن پڻ جاري ڪيو ويو آهي هاڻ منصوبو اهو ٻڌايو پيو وڃي ته حڪومت جلد اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي ججن جي نئين سينيئارٽي لسٽ جاري ڪندي جنهن ۾ لاهور هاءِ ڪورٽ مان گهرايل جسٽس سرفراز ڊوگر جنهن جي مقرري 2015 ڌاري جسٽس محسن اختر ڪياني کان ڪجهه مهيا اڳ جي مقرري آهي تنهن ڪري حڪومت جي منصوبي موجب نئين سينيئارٽي لسٽ موجب جسٽس ڊوگر کي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جو سينئر ترين جج ڊڪليئر ڪيو ويندو ۽ ان کي ئي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جو چيف جسٽس مقرر ڪيو ويندو ڇاڪاڻ جسٽس محسن اختر ڪياني سميت اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي موجوده سينئر ججن جي سخت ريمارڪس ۽ فيصلن کان حڪومت ۽ سسٽم خوفزده آهي، اهي ججز بنا ڪنهن خوف ۽ لالچ جي آئين موجب فيصلا ڏئي رهيا آهن جنهن سان سسٽم وائکو ٿي رهيو آهي.
موجوده صورتحال ان ڳالهھ جي عڪاسي ڪري ٿي ته هن بدبودار نظام جا رکوالا عوام ۽ آزاد ادارن توڙي فردن کان خوفزده آهن تنهنڪري هر پاسي کان ميڊيا ۽ عدالتن سميت هر اداري کي ڪنٽرول ۽ پنهنجي فريم اندر آڻڻ چاهين پيا، ته جيئن اهي لانگ ٽرم رول کي جاري رکي سگهن پر اها ته انهن جي ڪم عقلي ۽ غلط فهمي آهي ته اهي پنهنجين انهن غلط پاليسين ۽ فيصلن جي ذريعي ڪامياب ٿيندا، بلڪل به نه. ڇاڪاڻ ته هاڻ وقت بدلجي چڪو آهي عوام انهن جي غلط پاليسين کي سمجهي چڪو آهي، خاص طور تي هي سوشل ميڊيا جو تيز ترين زمانو آهي ڪير چاهي ڪيتري به ڪوشش ڪري پر عوام جي حقيقي آواز کي روڪي رکڻ وارو تصور ئي غلط آهي اهو هاڻ ممڪن ئي ناهي رهيو .