ٽرمپ جيوپوليٽيڪل سياست کي ڪيئن منهن ڏيندو؟

تحرير: رياض ابڙو 

ٽرمپ جي پاليسين جي ڪري گهڻو خطرو رڳو پاڪستانين يا پاڪستان کي هجي ٿو، جو رياست ٻٽي پاليسين جي ڪري پاڻ تذبذب ۽ لاڳتي پريشاني جو شڪار رهندي ٿي اچي، جو هڪ پاسي پاڻي آهي ته ٻئي پاسي باھ، جو رياست سڙي مري يا ٻُڏي مري؟ ان ڪري عام خلق به ان ڳالهه ۾ ڦاٿل آهي ته ڪجي ته آخر ڇا ڪجي؟ جو سِڪو وڃي ٿو ڪرندو ۽ ماڻهن جي پريشاني وڃي ٿي وڌندي. رياست ڪاڏي وڃي يا ڪاڏي وڃڻ گهرجيس جو آمريڪا سان هٿ ٿا ملائين ته چائينا ۽ روس منهن خراب ٿا ڪن ۽ روس ۽ چين جي پاليسين جي ڳالهه ٿا ڪن ته آمريڪا ورَ کنيون بيٺو آهي، جو انهن جي نظر ۽ نظريي ۾ هن خطي جي سلامتي جون چاٻيون رڳو طالبان وٽ آهن، جيڪي جيڪو چاهن اهو ڪري سگهن ٿا. پر هاڻوڪي عالمي جنگي حالتن ۾ ڊونلڊ ٽرمپ کي جيوپوليٽيڪل چئلينجن کي منهن ڏيڻو پوندو. اها ٻي ڳالهه آهي ته بايولاجيڪل وارز ۽ مضبوط معاشي سگهه جي ڪري چائينا جو مقابلو نه ٿو ڪري سگهجي. اها ڳالهه به عيان آهي ته آمريڪا (۽ مغربي ملڪ) هن خطي ۾ رڳو نيئولبرل اڪانومي ۾ سيڙپ ڪاري ڪري ڄاڻين، پر گهريلو ضرورتون جي لاءِ چائينا جون صنعتون ڪافي آهن، جن جو نعم البدل آمريڪا وٽ به ناهي. ان ڪري مستقبل ۾ چائينا جيڪڏهن فوڊ انڊسٽري ۽ نيئولبرل اڪانومي ۾ پنهنجون بينڪون، ادارا ۽ صنعتون کڻي لٿو ته آمريڪا جو ننڍون حرام ٿي وينديون.

اسرائيل حماس تڪرار ۽ اميگريشن احتجاج پنهنجي جاءِ تي جيڪي آمريڪي انتظاميا جي تڪراري ملڪي ۽ بين الاقوامي پاليسين کي ظاهر ڪن ٿا، پر صدر ٽرمپ جو ٻيو مدو اميگريشن، ٽيڪسيشن، تعليم ۽ پرڏيهي پاليسي ۾ وڏيون تبديليون متعارف ڪرائڻ لاءِ تيار آهي ۽ گڏوگڏ وچ اوڀر ۾ ابراهيم معاهدي کي عملي جامو پهرائڻ جو ارادو به رکي ٿو. ٽرمپ انتظاميا هاڻي سعودي عرب ۽ پاڪستان تي به زور رکي سگهي ٿو ته هو اسرائيل کي تسليم ڪن. تجزيه نگار ٽرمپ انتظاميا جي حڪمت عملين کي نوٽ ڪن ٿا ته هو مخالفن جي سياسي، اقتصادي ۽ معاشي ڪمزورين کي استعمال ڪندي، جهڙوڪ شام ۾ بشرالاسد جي حڪومت جو خاتمو ۽ لبنان ۾ حزب الله تي دٻاءُ، ۽ ايران تي ايٽمي طاقت جي ڦهلاءَ جي تيزي کي روڪڻ، پاڪستاني ايٽمي اثاثن جي نگراني وغيره وغيره. آمريڪي ۽ اسرائيلي مفادن کي اڳتي وڌائڻ لاءِ ٽرمپ جي بنيادي خواهش آهي ته اسرائيل وري اڀري اچي ۽ مسلمان ملڪ يا خاص سعودي ۽ پاڪستان هن جي ها ۾ ها ملائين. دي ائٽلانٽڪ جي ”جارج پيڪر“ جو مشاهدو آهي ته ٽرمپ پرڏيهي پاليسي تي ڌيان ڏيندو.

ڪائونسل آن فارين رليشنز (CFR) پڻ آمريڪا جي اهم مشڪلاتن کي ظاهر ڪري ٿي، ۽ اهو انتباھ ٿي ڪري ته ٽرمپ جو ٻيو دور آمريڪا لاءِ وڏي خطري جي شروعات هوندو. سي ايف آر جي رپورٽ ۽ بچاءُ واري ترجيحي سروي پنهنجي رپورٽ ۾ پنجن وڏن امڪانن کي ظاهر ڪري ٿو، جن ۾ هڪ ته اسرائيل حماس تڪرار جو تسلسل، ۽ وري ويسٽ بينڪ تي اسرائيلي حملن جي واڌ، يوڪرين ۾ اهم روسي ڪاميابيون، ايران اسرائيل دشمني، ۽ آمريڪا جي ڏاکڻي سرحد تي جنگي بحران شامل آهن. ان کان علاوه تائيوان ۽ ڏکڻ چيني سمنڊ تي اعتدال پسند امڪانن جا بحران آمريڪا جي لاءِ اضافي خطرا پڻ پيدا ڪندا. ساڳي جاءِ تي ان امڪان کي به رد نٿو ڪري سگهجي ته آمريڪا هڪ نه پر ٻن وڏن ايٽمي هٿياربند طاقتن سان جنگين ۾ پئجي سگهي ٿو. پال اسٽارز سي ايف آر واري سروي رپورٽ ۾ هدايت ڪئي آهي ته آمريڪا اهڙي محاذ آرائي کان پاسو ڪري نه ته جنگين ۽ هٿيارن جي ڊوڙ ۾ هو خطي جي ٻين سپرپاورز کان پوئتي رهجي ويندو، جيڪو آمريڪا جي لاءِ خطرناڪ ثابت ٿيندو.

ڏکڻ ايشيا ۾ هڪ متوازن سياسي عمل خطي ۾ پائيدار امن جو ضامن ٿي سگهي ٿو. هاڻي به ٽرمپ افغانستان ۽ پاڪستان ۾ ايترو ئي دلچسپ آهي، جيترو سندس اڳ وارا آمريڪي صدر هيا، (يا جيئن جوبائيڊن دهشتگردي وارن خطرن تي ڌيان ڏئي رهيو هيو). اها ٻي ڳالهه آهي ته آمريڪي پرڏيهي پاليسيون افغانستان ۾ داعش ۽ القاعده کي ٻيهر اڀري سگهن ٿيون. ان ڪري ماهرن آمريڪا جي اهڙن جنگي مفادن سبب مغرب تي امڪاني حملن جي خبرداري به ڏني آهي. ساڳي جاءِ تي آمريڪا جي لاءِ پاڪستان سان دهشتگردي جي خلاف تعاون کي مضبوط ڪرڻ به هڪ ترجيح هوندي. توڻي جو افغان طالبان جي ڪردار بابت آمريڪي اختلافي لاڳاپا اڃان تائين ڇڪتاڻ جو شڪار آهن. ”جان ڪربي“ چئي ٿو ته پاڪستان علائقائي استحڪام کي برقرار رکڻ ۾ هڪ اهم سياسي رانديگر آهي، ۽ ان حقيقت کان انڪار ناهي، پر سرحد پار افغان دهشتگردي کي منهن ڏيڻ ۾ آمريڪا پاڪستان جي اهميت کي سمجهي ۽ ممڪن تعاون به ڪري. خطي ۾ تائيوان ۽ يوڪرين جهڙا مظلوم ملڪ وڌندڙ جنگي پريشانين کي منهن ڏئي رهيا آهن، جنهن جي لاءِ آمريڪا انتظامي ۽ سياسي وابستگين کي ٻيهر ترتيب ڏئي. ٽرمپ گذريل هفتي ابراهيم معاهدن جي پروپيگينڊا ڪئي ۽ اسرائيلي فلسطيني امن معاهدي کي فعال ڪرڻ جي ڳالهه ڪئي، جنهن مان ظاهر آهي ته ٽرمپ وري مشڪلاتن کي منهن ڏيندو، پر آمريڪي پرڏيهي پاليسي کي نئين سر تشڪيل ڏيڻ جي لاءِ ٽرمپ انتظاميا جا ارادا موافقت تي منحصر هجڻ کپن، ان ڪري ٽرمپ انتظاميا اڳ وانگي خطي جي سياست کي سمجهي فيصلا ڪري ته هوند ڀلو ٿيندو، ڇو ته چئلينج ۽ موقعا ٽرمپ جي ٻئي مدي کي ۽ ريپبلڪن جي تسلط واري ڪانگريس کي به طاقت بخشيندا.

جيتوڻيڪ ٽرمپ جون خطرناڪ پرڏيهي پاليسيون اتحادين سان لاڳاپن کي خراب ڪري سگهن ٿيون، جنهن جو خطرو پڻ آهي، پر ڪانگريس جي حمايت کيس اهو ڪرڻ جي اجازت ڏيندي، جيڪا ويندڙ جوبائيڊن انتظاميا نه ڪري سگهي. ان ڪري اهو تبديلي پسند قيادت لاءِ نوان موقعا فراهم ڪري سگهي ٿي. جيئن ”جارج پيڪر“ چئي ٿو ته ٽرمپ جون هاڻوڪيون پاليسيون روايتي آمريڪي قدرن ڏانهن واپسي جو واعدو ۽ ارادو رکن ٿيون. توڻي جو ٽرمپ اميگريشن کي روڪڻ ۽ ناپسنديده پرڏيهي ماڻهن کي ملڪ بدر ڪرڻ جي حق ۾ آهي، ته ڇا سندس انتظاميا هڪ غيرمستحڪم عالمي منظرنامي تي ۽ پنهنجن پراڻن واعدن تي عمل ڪري سگهي ٿي؟ جيڪو سندس سياسي ورثي کي ثابت ڪندو، جيڪو هن جي سياسي ڪاميابي ۽ عالمي سياسي ۽ سفارتي رڪاوٽن کي موقعن ۾ تبديل ڪندو. ان ڪري عالمي امن کي بحال رکڻ جي لاءِ ٽرمپ کي پنهنجي ماضيءَ جي پاليسين کان بهتر پاليسون آڻڻيون پونديون ۽ ان ڳالهه به يقيني بڻائڻو پوندو ته هيل وچ اوڀر ۾ امن جا پکي اڏرندا ۽ ايشيائي ملڪ آمريڪي پاليسين مان پڻ خوش ٿيندا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.