شهيدن جو شهر بيگناهه هندو واپاري جي رت سان رڱجي ويو!

تحرير: خالد ڪريم مڱريو

شهيدن جو شهر نئين ديرو جيڪو ڪنهن دور ۾ پرامن ۽ مذهبي رواداري جو شهر ليکيو ويندو هو سو قانون کي مذاق سمجهندڙ اهلڪارن ۽ عملدارن جي مقرر ٿيڻ سان هٿ وٺي بدامنيءَ جي باهه جي آڙاھ ۾ تبديل ڪيو ويو آهي. جتي بيگناهه ماڻهن جي جان و مال کي هٿ وٺي ڦورن، چورن، لٽيرن ۽ قاتلن جي حوالي ڪري شهرين کي بدامنيءَ جي راڪاس کان ڊيڄاريو پيو وڃي. شهر جي انتهائي معزز شخصيتن جي گهرن ۾ ڌاڙا، ڦرون، چوريون ٿيڻ ۽ انهن سان ڪيل بي واجبين سبب شهرين جو پوليس کاتي جي نالي تان ويساهه ئي کڄي ويو آهي. چند ٽڪن تي وڪامجندڙ پوليس جي عملدارن ۽ اهلڪارن جي نااهلي ۽ خوشامندي کودڙين جي ڪري هي امن جو گهوارو سڏجندڙ شهر بشني، چورن، چاٻي چورن، موبائل کسيندڙ، ڦورن ۽ ڀتي خورن جي رحم ڪرم تي ڇڏيو ويو آهي.

نئون ديرو شهر جي مصروف ترين  شاھي بازار جي نِم چوڪ تي نئون ديرو جي مشھور واپاري سنتوش ڪمار کي ٽن نامعلوم ھٿياربندن دڪان تي چڙهي بيگناھ قتل ڪرڻ بعد دڪان تي رکيل لکين روپيا کڻي آساني سان فرار ٿي ويا! سنتوش ڪمار شهر جي قديم ھندو خاندان مان هو جنهن جي وڏڙن جو وڻج واپارن شهر جي نم چوڪ تي  هلندو پيو اچي. سنتوش جو والد ۾ سيٺ ڪشنچند شهر جو وڏو واپاري هو جنهن وٽان جڙي ٻوٽين، ڊرائي فروٽ، ڪرياني کان علاوه يوناني دوائون ملڻ جو وڏو مرڪز هو. سنتوش ننڍپڻ کان ئي پنهنجي والد سان گڏ دڪان تي ٻانهن ٻيلي ٿي بيھندو ھو، ھُنَ پنهنجي والد مان اُھي سڀ ڪاروباري گُڻ گڏ رهي ڪري سکيا ھئا. جيڪي ھر ھڪ ڪاروباري واپاري ماڻهو ۾ ھوندا آھن. سنتوش ڪمار نفيس، رحم دل، فقيراڻي طبيعت جو مالڪ ۽ انسان دوست شخصيت ھو. ھن کي ھميشه پنهنجي ڪاروبار دوڪان تائين ئي مصروف ڏسندا ھئاسين. اھڙي فقيراڻي طبيعت جي مالڪ ڪاروباري انسان جو قتل نه پر سموري انسانيت جو قتل آهي.

اسان جي نئون ديرو ۾ ماضيءَ کان وٺي شهر جي مختلف ڪاروباري، واپاري، سياسي معززين سميت خاص ڪري ھندو ڪميونٽي سان تعلق رکندڙ ڏانهن وقفي وقفي سان ڀتا خورن جون چٺيون ڪڏهن فونون ته ڪڏهن انهن ڏانهن ھتي سماج ۾ رھندڙ ھٿ ٺوڪين چڱ مڙسي ڪندڙن ھٿان نياپا موڪلي انهن کي پريشان ڪري انهن کان لکين روپيا ڀتو وصول ڪن ٿا. سنتوش ڪمار کي به بيدردي سان قتل ڪرڻ جو اصل مقصد انهن ڀتا خورن جو اِهو ئي آهي ته نئون ديرو شهر ۾ جيڪي به ڪاروباري واپاري يا صفيد پوش رھن ٿا انهن جي دلين ۾ دھشتگردي ۽ خوف پيدا ڪرڻ آهي. گذريل ڏينهن کان وٺي مختلف ڳالھيون ٻڌڻ ۾ اچن پيون ڪوئي چوي ٿو ڦر جي واردات آهي مزاحمت ڪرڻ تي اُن کي گولين ھڻي قتل ڪيو ويو آهي ڪوئي چوي ٿو اُن کي ڪنهن پنهنجي ذاتي دشمنيءَ ۾ ٽارگيٽ ڪري قتل ڪيو آهي. مان پنهنجي ننڍڙي سوچ تجربي سان چوان ٿو ته مظلوم سنتوش ڪمار کي قتل ڪرڻ جو اصل مقصد انهن قاتلن جو اِهو ئي آهي ته نئون ديرو شهر جي واپارين ڪاروباري خاص طور تي ھندو برادري جي ماڻهن  ۾ خوف ۽ دهشت پيدا ڪرڻ آهي. جئين اُهي ڀتا خور وري ڪنهن ٻئي سنتوش ڪمار جھڙي مظلوم کي ٽارگيٽ ڪري سگھن.

اڄ مان سنتوش ڪمار  لاءِ نئون ديرو جي ھر شھري جي اک ۾ ڳوڙها ڏٺا اُن جي جنازي ۾ سياسي سماجي مذهبي، ادبي، صحافي، ھندو برادري سميت ھزارين ماڻهو شريڪ ھئا. منهنجو نئون ديرو شهر جي سڀني سياسي، سماجي، مذهبي ڌرين سميت ھر مڪتبِ فڪر سان تعلق رکندڙ کي ھڪ ھٿ ٻڌي گذارش آهي ته ڇڏيو لاشن جي مٿان سياست ڪرڻ کي سڀ پاڻ ۾ ھڪ ٿي ايئن بيھو جيئن اُن ڏينهن شھيد سنتوش ڪمار جي جنازي ۾ گڏ ٿيا هئا. سڀ گڏجي ھڪڙي پليٽ فارم تي اچو پنهنجو ھڪڙو ئي موقف رکو” ايس ايس پي” لاڙڪاڻو سميت نئون ديرو پوليس کان مطالبو ٿا ڪريون ته شھيد سنتوش ڪمار جي قاتلن کي وائکو ڪري قانون جي ڪٽهڙي ۾ آندو وڃي. جيئن ڪنهن امڙ جي جهولي خالي نه ٿئي ۽ ڪا ننڍڙي نياڻي يتيم نه ٿئي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.