آمريڪا جي نئين صدر ڊونلڊ ٽرمپ بابت چيو ويندو آھي تھ ھن بابت اڳڪٿي نٿي ڪري سگھجي.پنھنجي پھرين دور ۾ پڻ ھو انتھائي تڪراري آمريڪي اڳواڻ طور مشھور ٿيو ھو.تازو سندس جاري ڪيل حڪمنامن اتي جي مختلف ادارن ۾ ڇڪتاڻ کي جنم ڏنو آھي. صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٿوڪ جي حساب سان ايگزيڪيوٽو آرڊرن کان پوءِ ٻن اھم آمريڪي ادارن عدليه ۽ انتظاميا جي وچ ۾ هڪ قانوني ۽ آئيني جنگ شروع ٿي وئي آهي.چيو ٿو وڃي تھ ملڪ جي پنجاهه رياستن مان اڌواڌ رياستن جا اٽارني جنرل وفاقي حڪومت خلاف ڪيس داخل ڪرڻ ۾ پيش پيش آهن.جڏھن تھ وفاقي ججن. قانون ۽ آئين سان ٽڪرائيندڙ صدر جي حڪمنامن خلاف اسٽي آرڊر جاري ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيا آهن.
صدر ٽرمپ پنهنجي پوئين دور ۾ ايگزيڪيوٽو آرڊر جاري ڪيا هئا، جنھن ۾ رڳو ستن مسلمان ملڪن جي شهرين لاءِ ويزا تي پابندي لڳائي وئي هئي.اھرن حڪم نامن کي عدالتن اهو چئي رد ڪري ڇڏيو ته آمريڪا جو آئين، ڪنهن به شخص کي رنگ، نسل، قوميت يا مذھب جي بنياد تي تعصب ڀريو رويو اختيار ڪرڻ ۽ ڪنھن ھڪ مخصوص طبقي کي مذهب جي بنياد تي نفرت جو نشانو بڻائڻ جي اجازت نٿو ڏئي. ان کان اڳ آمريڪا جي 47 هين صدر جي حيثيت سان حلف کڻڻ جي فورن بعد ڊونلڊ ٽرمپ اميگريشن، ماحول ۽ ٽڪ ٽاڪ کان وٺي مختلف شعبن تي ايگزيڪيوٽو آرڊر ۽ هدايتون جاري ڪيون ھيون.ھن پنهنجي اختيارن کي استعمال ڪندي درجن جي حساب سان ايگزيڪيوٽو سمرين، آرڊرن، صدارتي ياداشت نامن ۽ پاليسي ترجيحن جي حڪمن تي صحيحون ڪيون ھيون.
جيتوڻيڪ صدارتي ايگزيڪيوٽو آرڊرن کي قانوني حيثيت حاصل آهي، پر انهن اختيارين کي بعد ۾ عدالتون يا ايندڙ صدر رد ڪري سگهن ٿا. ياد رهي ته صدارت سنڀالڻ وقت ڊونلڊ ٽرمپ اڳوڻي آمريڪي صدر جو بائيڊن جي دور ۾ جاري ڪيل 78 صدارتي حڪمن کي به رد ڪري ڇڏيو هو.آمريڪا ۾ نئين صدر لاءِ اها عام ڳالهه آهي ته هو عهدي سنڀالڻ سان ئي ايگزيڪيوٽو آرڊر تي دستخط ڪندو آھي.ايگزيڪيوٽو آرڊر ڇا آهي ۽ اهو ڇو جاري ڪيا ويندا آهن؟هڪ ايگزيڪيوٽو آرڊر يا صدارتي فرمان آمريڪا جي صدر پاران وفاقي حڪومت کي لکيل هڪ حڪم ھوندو آهي جنهن کي ڪانگريس جي منظوري جي ضرورت نھ ھوندي آھي. ڪنھن وڏي پاليسي جي تبديلي پڻ ان ۾ شامل ٿي سگهي ٿي، جيئن صدر ٽرمپ 2017 ۾ ٻن تڪراري تيل پائيپ لائينن جي تعمير جي اجازت ڏني.حڪمنامو ڪو ننڍڙو معاملو بھ ٿي سگھي ٿو. جيئن صدر اوباما جو 2015 ۾ ڪرسمس جي موقعي تي اڌ ڏينهن جي موڪل ڏني ھئي.آمريڪي آئين جو آرٽيڪل 2 صدر کي ايگزيڪيوٽو آرڊر جاري ڪرڻ جو اختيار ڏئي ٿو.ڪانگريس ڪنھن معاملي بابت قانون جوڙڻ ۾ وقت وٺي، ان ڪري بھ آمريڪي صدر اھڙا حڪم ناما جاري ڪري سگھي ٿو.
آمريڪا ۾ جمھوريت جو ڊگھو دور رھيو آھي،جنھن ڪري اتي آئين ۽ قانون بھ سگھارا آھن، اھو ئي سبب آھي جو صدر جي جاري ڪيل حڪمنامن کي پڻ ملڪ جي آئين ۽ قانون سان ڪنھن قسم جي تڪرار ۾ اچڻ جي صورت ۾ اھي اسٽي ۾ ھليا ويندا آھن ۽ ان بعد اھي معطل بھ ٿي سگھن ٿا. ھن وقت بھ ملڪ ۾ ٿوڪ جي حساب سان نئين صدر ڊونلڊ ٽرمپ پاران عھدي سنڀالڻ بعد ڪيل حڪم نامن تي اتي جو عدالتون قانون موجب ان تي فيصلو ڏئي رھيون آھن.