”ڪئنال نامنظور“جسقم آريسر جو پنڌ مارچ مشين اسٽاپ پهتو،شاندار آجيان

راڻيپور (رپورٽ: فياض حسين راڄپر)سنڌو درياهه مٿان 6 نوان ڪئنال ڪڍڻ خلاف جيئي سنڌ قومي محاذ پاران سکر کان ڪراچي  پيادل مارچ راڻيپور پهتو راڻيپور ۾ رات ترسڻ بعد  راڻيپور موڙ کان پنهنجي  منزل ڪراچي طرف روانو راڻيپور باب دستگير گيٽ تي گڏيجي شاھ جي مشين اسٽاپ ۽ رسول آباد تي  گلن جي ورکا ڪري آجيان ڪئي وئي پيادل مارچ ڪندڙن جا پير پٿون ڪري ويا ان موقعي تي جيئي سنڌ قومي محاذ آريسر جي چيئرمين اسلم خيرپوري خطاب ڪندي چيو ته 23 فيبروري ڪراچي پريس ڪلب آڏو لکين سنڌي گڏ ٿي ڪئنالن کي رد ڪندا بنگلاديش جا نوجوان روڊن تي نڪري آيا هئا،اسان کي پنهنجي درياهه ۽ زمينن جي مالڪي ڪرڻي پوندي عبدالفتاح چنا خطاب ڪندي چيو ته سنڌ کي بنجر بڻايو پيو وڃي سنڌ دشمن رٿائون ڪنهن به صورت ۾ قبول ناهن ،ڊاڪٽر نذير کوکر چيو ته ڪئنال ڪڍڻ ڪالاباغ ڊيم کان وڌيڪ منصوبو خطرناڪ آهي سنڌ جي مٿان گهڻ رخي حملا ڪيا پيا وڃن ڪرن نظاماڻي چيو ته سنڌ جي حقن لاءِ هر قرباني ڏيڻ لاءِ تيار آھيون  سنڌو درياء تي 6ڪئنال ڪڍڻ سنڌي قوم سان ويساھ گهاتي آهي پنجاب جي ريگستان کي آباد ڪرڻ لاء سنڌو مٿان ڌاڙو هنيو پيو وڃي ساجد مڱريو چيو ته سنڌو درياهه سنڌ جي دل، روح ۽ زندگيءَ جو اهڃاڻ آهي، ڪينال ٺاهڻ جو منصوبو واپس ورتو وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.