نئون ديرو(رپورٽ: محمد علي جروار) نئون ديرو ۾ 3 ڏينهن اڳ قتل ٿيل هندو واپاري سنتوش ڪمار جي خون سان انصاف لاءِ شهري ايڪشن ڪاميٽي جو اجلاس چيئرمين غلام حيدر ناريجو جي صدارت ۾ ٿيو جنهن ۾ مقتول جي وارثن منيش ڪمار ۽ سريش ڪمار شهري ايڪشن ڪاميٽي جي سليم چنا، عبدالقدوس پنهور، مفتي عبدالرحيم ڪنڌر، وريام چنو، منظور منگي، محمد عيسيٰ جتوئي، فياض ابڙو ۽ شهرين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ ايس ايس پي لاڙڪاڻو احمد فيصل چوڌري سميت پوليس جي ڪارڪردگي مٿان بي اعتمادي ظاهر ڪئي وئي. اجلاس ۾ متفقه راءِ سان فيصلو ڪيو ويو ته واقعي خلاف سومر ڏينهن شهر اندر مڪمل شٽربند هڙتال ڪري احتجاج رڪارڊ ڪرايو ويندو،مقتول سنتوش ڪمار جي ڀائٽي منيش ڪمار ڳالهائيندي چيو ته چاچي جي قتل کي ٽي ڏينهن گذري ويا آهن پر پوليس ڪيس ۾ ملوث جوابدارن کي لڪائڻ ٿي چاهي ٿي ۽ اسان مٿان شڪ ڪندي پوليس چئي رهي آهي .
ته توهان جي دوڪان تان چوري نه ٿي آهي ۽ پئسا اوهان پاڻ لڪايا آهن ۽ توهان ئي پنهنجي ماڻهون کي ماريو آهي. اسان پنهنجي چاچي کي ڇو مارينداسين؟هن چيوته اسان جي ڪنهن سان دشمني نه آهي ايس ايس آفيس ۾ مقرر آءِ ٽي انچارج اسان کي هراسان ڪندو رهي ٿو.