ڪراچي ( رپورٽر)بار ايسوسيئيشن جي صدر بئريسٽر سرفراز ميتلو هن قانون سازي کي تاريخي قرار ڏيندي چيو آهي ته هن سان وڪيلن جو پراڻو مطالبو پورو ٿي ويو آهي، بيان ۾ چيو ويو آهي ته هن فيصلي سان اعلى عدالتن تي ڪيسن جو بار گهٽبو، جنهن سان عدالتي نظام ۾ بهتري ايندي، ان موقعي تي بار ايسوسيئيشن قانون بابت وزير ضياءَ لنجار جو به شڪريو ادا ڪيو، جنهن قانون سازي ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو،سنڌ هاءِ ڪورٽ بار ايسوسيئيشن هن عزم جو اظهار ڪيو ته هو مستقبل ۾ به عدالتي نظام ۾ سڌارن لاءِ سهڪار جاري رکندي ۽ قانون جي بهتري لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪندي.
-
ڪرم ۾ امن معاهدو ناڪام، فائرنگ ۾ اي سي سميت 4 زخمي
پشاور (م ڊ) خيبرپختونخوا جي تعلقي اپر ڪرم ۾ فائرنگ جي واقعي ۾ ڪرم جي اسسٽنٽ ڪمشنر روينيو سعيد منان خان سميت 4 ڄڻا زخمي ٿي پيا. بوشهره ۾ اي سي امن ڪوششن لاءِ دورو ڪري رهيو هو ته فائرنگ ڪئي وئي، هو ان وقت جنگ بندي تي عمل ڪرائڻ ۾ رڌل هو ۽ پوليس به ساڻس گڏ هئي. زخمي کي ڊي ايڇ ڪيو اسپتال نيو ويو جتي سندس آپريشن ڪيو ويو. ڌرين ۾ تڪرار تان هن وقت تائين 130 حياتيون ضايع ٿي چڪيون آهن. امن معاهدي کانپوءِ 14 کان وڌيڪ ڀيرا ان جي ڀڃڪڙين امن کي خطري ۾ وجهي ڇڏيو آهي.
. قبائلي اڳواڻن موجب حڪومت کي گهرجي ته فوري نوٽيس وٺي ۽ ذميوارن جو پتو لڳايو وڃي.