يونيورسٽين ۾ ڪامورو وي سي مقرر ڪرڻ خلاف فاپواسا جي سڏ تي مظاهرو

ڪراچي( رپورٽر)فيڊريشن آف آل پاڪستان يونيورسٽيز اڪيڊمڪ اسٽاف ايسوسيئيشن (فاپوواسا) تحت سنڌ جي مختلف  ونيورسٽين جي استادن جي وڏي انگ گذريل ڏينهن سنڌ اسيمبلي آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو. مظاهرين اردو، سنڌي ۽ انگريزي ٻولين ۾ بينر ۽ پلي ڪارڊ کڻي احتجاج رڪارڊ ڪرايو، جن تي ڪامورا وائيس چانسلر نامنظور، ڪانٽريڪٽ تي ڀرتيون نامنظور ۽ تعليم دشمن ترميمي بل نامنظور جا نعرا لکيل هئا.مظاهرين کي خطاب ڪندي فپواسا سنڌ جي اڳواڻن پروفيسر ناگ راج ۽ ٻين صدر آصف علي زرداري ۽ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو کان مطالبو ڪيو ته پيپلز پارٽي سنڌ پاران بيوروڪريسي جي وائيس چانسلر بل جي منظوري جو نوٽيس ورتو وڃي ۽ ان بل کي واپس ڪرايو وڃي. ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته پيپلز پارٽي جو هي غير جمهوري رويو نامناسب آهي ۽ يونيورسٽين جي استادن سان ٿيندڙ زيادتين بحران کي وڌيڪ سنگين بڻائي ڇڏيو آهي. انهن جي مطابق حڪومت جي لاپرواهي سبب استادن جي تعليمي سرگرميون معطل ڪرڻ تي مجبور ٿيا آهيون، تدريسي برادري ڪاموري کي وائيس چانسلر بڻائڻ ڪڏهن به قبول نه ڪندا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.