پئسي جو اسراف ۽ سماج جي ذهنيت

تحرير : خالده منير

هن وقت جڏهن اسان پنهنجي سماج جي مشاھدي لاءِ پنهنجي چوڌاري نظر گھمايون ٿا ته ڏاڍا مايوس ڪندڙ ۽ ڏکوئيندڙ مشاهدا ٿين ٿا. مون کي ايئن لڳندو آهي ڄڻ انسان ازل کان بکيو آهي ۽ ابد تائين بکيو ئي رهندو، اھڙو لقاءُ مونکي سماج ڏانهن سندس ورتاءُ ۽ پاڻ پڻي جي بيماري مان نظر ايندو آھي.

اسان جو سماج طبقاتي طور ٽن طبقن ۾ ورهايل آهي، هڪڙي پاسي پيٽ جي بک، جيڪا مزدور، هاري، پورهيت لاڳيتو ڀوڳيندو رھيو آھي ۽ هاڻي ته سفيد پوش به ڀوڳي ٿو، ٻي بک، اجائي ٺٺ ٺانگر ۽ پاڻ پڏائڻ لاءِ اڻ مئي پئسي جو اجايو استعمال آهي، اهو چاهي وڏيرو هجي يا بيوروڪريٽ ھجي، ٻنهي جو عادتون سماجي طور اجتماعي مفادن لاءِ ڪي چڱيون نظر نٿيون اچن. ترقي يافته ملڪن جا امير ترين ماڻهو پئسي جو استعمال انساني ڀلائي جي لاءِ جهڙوڪـ؛ خيراتي اسپتالون، اسڪول، اولڊ هوم، يتيم خانا ٺهرائي، عام ماڻهو جي تڪليفن کي ڪنهن قدر گهٽ ڪرڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪندا آهن ۽ اسان وٽ امير ترين ماڻهو پٽ جي شادي دوران ھڪ ٽڪ تي ٻه سو ديڳيون ڀت جون لهرائيندا، لکين رپيا ڳائڻن ۽ ناچن کي گهور ڏيندا، ست ست حج ڪندا، ايڪيھ عمرا ڪندا آهن، توڙي جو سندن پاڙي ۾، ڳوٺ ۾، رشتيدارن ۾ ڪنهن غريب جو گهر نه هوندو آهي، ڪنهن بيمار وٽ دوا درمل جو پئسو نه هوندو آهي، ڪنهن گهر ۾ ٻه ٽي نياڻين جي ڏاج نه هجڻ ڪري عمر چڙهي ويندي آهي پر شادي نـ ٿي سگھندي آھي، اهو ته ٺهيو پر پاسي جي گهر ۾ غريب ويلي تي بکيا ويٺا هجن ۽ هنن وٽ اٽو به نه هجي پر مجال آهي جو ان جي ڪا خبر چار وٺن يا پنج سو هزار جي ڪا مدد به ڪن. ماڳھين ڪو غريب غربو سندن ڪاڄ ۾ ويندو يا کڻي غريب عزيز ئي هجين پر ان کي ڌڪار جي نظر سان ڏسندا آهن، اوبر سوبر ٿڌي ماني انهن جي اڳيان اڇلي ڇڏيندا آهن.

ٻئي پاسي بيوروڪريٽ جي سڄي عمر رشوت خوري ۾ گذريو وڃي، ڪنهن غريب نوجوان کي نه ميرٽ تي داخلا ڏين نه ميرٽ تي نوڪري. رشوت جو پئسو پنهنجي عياشي، شراب، شباب ۽ ڪباب تي صرف ڪندا آهن، پڇاڙي ۾ پوڙها ٿيندا ته وڏيرو ماضي ۾ ڪاڄن جون ھڪ ٽڪ تي ڪيل ٻه سو ديڳين، ست حجن ۽ ايڪيھه عمرن جي هڙ ٻڌي، اوطاقن ۾ سيراندي رکي انهن کي ٽيڪ ڏئي، پيا آخري پساھ کڻندا آهن ۽ بيوروڪريٽ وري رٽائر ٿي مذهب جو چولو پائي، تسبيحون هٿ ۾ ڦيرائيندي وتندا ٻين کي دوزخ جا ڊپ ڏيندا.

ان حقيقت کان سڀ واقف آھن تـ سماج ۾ ناڪاري ڪردار وقت جي دز ۾ لٽجي ويندا آهن، اهڙا ماڻهو ڪنهن کي ياد ناھن رهندا، جيڪي وڏ ماڻهپي ۾ بيحسي جو مظاھرو ڪندي، ڪنهن غريب لاچار مجبور ماڻهو جي مدد ڪرڻ کان وڌيڪ اجائي ڏيکاءُ کي ترجيح ڏين ٿا، وري مٿان جيڪي نودولتيا يا پڇ ڍاوا آهن انهن کي ڏسجي ته حيران ٿيو وڃجي، صفا جهڙا انڌا پيا اچن، ڀيڻ غريب آهي ته ڀاءُ ان جي مرتئي جي تڏي تي وڃڻ پسند نٿو ڪري، ڀيڻ، ڀيڻ جي ٽيجهي جي ڀت مان ٻوٽيون پئي ڳولهيندي آهي ٻوٽي نه ملڻ تي وارثن کي پاراتا پئي ڏيندي آهي، عجيب اوڇيون حرڪتون ڏسڻ ۾ اينديون آهن. پئسي جي ميار تي رشتن کي اوچ ۽ اڇوت سمجهندا آهن، جيڪڏهن اسان چئو ته وڏيرا اڻ ڄاڻ ۽ گھٽ پڙهيل جاهل آهن تڏهن پئسي جو اجايو مصرف ٿا ڪن، ته ٻئي طرف بيوروڪريٽ ته سماج جو پڙهيل لکيل فرد آهي، ان مان سماج کي ڪهڙو لاڀ حاصل ٿئي ٿو؟ اسان وٽ سماج جو هڪ حصو عياشيون ڪري ٿو، ٻيو حصو غربت، بيماري، بي روزگاري جهڙن انيڪ مسئلن جو شڪار هجي ٿو، هاري مزدور کي سندس پورهئي جو اجورو پورهئي جي اڌ جيترو به نٿو ملي ۽ سرڪاري ادارن ۾ بغير وڏي سفارش ۽ رشوت جي ڪنهن غريب جي اولاد کي نوڪري نٿي ملي، سرڪاري اسپتالن ۾ مريض جي علاج جي لاءِ ڪي جوڳا بندوبست نه آهن، پينادول گوري به ڊاڪٽر پرچي تي لکي ڏيندو ته وڃي ٻاهران وٺي اچو. ڳوٺن ۾ ته هڪ ته اسڪول ڪونـ آهن، جيڪي آهن انهن ۾ به ڪيترائي اسڪول وڏيرن جي مال جا واڙا يا اناج جي گدام طور استعمال ٿين ٿا، ان ڪري غريب پورهيت، هاري، مزدور جا ته حال پورا سورا آهن، پر سفيد پوش ماڻهن لاءِ به هاڻي عزت سان زندگي گذارڻ مشڪل ٿي ويو آهي.

اهڙين حالتن کي ڏسي سماج جا ٻئي طبقا مايوسي ۽ مونجهارن جو شڪار رهڻ لڳا آهن، باقي وڃي رهيو هڪ طبقو جنهن وٽ سمورا وسائل آهن، اهو پاڻي کان نڪتو پيو آهي، سماج تي ان جا خطرناڪ اثر اهي به آهن ته، ايم اين اي ۽ ايم پي اي کان ويندي حڪمراني جي ڪرسي تي ان طبقي جا ماڻهو ويٺل آهن جن جي بيحسي جو اسين اڳيان ذڪري ڪري آيا آهيون. عوام جي اڪثريت وسيلن تي قابض عددي اقلت جي رعايا طور زندگي گھارڻ تي مجبور آهي، طبقاتي فرق جي ڪري رت جي سڳن رشتن ۾ به ايترا ته ويڇا پيل آهن جو سڀڪو پيو رت جا ڳوڙها هاري، ڪو دور هو جو هڪ ڳوٺ هڪ گهر جي مثل هوندو هو، هاڻي هڪ گهر ۾ به ديوارن کنيل آهن، انھن ديوارن پويان ڪير ڏکيو آهي ڪير سکيو آهي ڪا خبر نه آهي، اڳ ڳوٺ ۾ ڪير بيمار ٿيندو هو ته سڄو ڳوٺ صبح شام سندس عيادت ڪرڻ ويندو هو، هاڻي پاڙي ۾ ڪو رشتيدار ئي گذاري وڃي ته ان جو مسجد مان اعلان ٻڌجي ٿو ته فلاڻو بيمار به هو اڄ گذاري ويو. اسان سمجھي سگھون ٿا ٽـ پئسي جي گهڻائي سان گڏ پئسي جي اجائي استعمال انساني قدرن کي ختم ڪري ڇڏيو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.